2 ڪلاڪن ۾ تيل ۽ گيس جون قيمتون واپس گهٽائي سگهان ٿو: شاهد خاقان عباسي جي دعويٰ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن ڪلاڪن اندر پيٽرول ۽ گيس جون قيمتون واپس آڻي سگهان ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پيٽروليم ۽ گيس اسمن ۾ واڌ حڪومت ڄاڻي واڻي ڪئي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته مون کي توهان ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏيو ته گيس ۽ پيٽرول جون پراڻيون قيمتون بحال ڪري ڇڏيندس، ان تي صحافي سوال ڪيو ته ايترو جلد ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، شاهد خاقان عباسي چيو ته ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو ڇو ته ڪرپشن جيڪڏهن نه ڪئي وڃي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت نه هجي ته هي ڪم سولائي سان ٿي سگهي ٿو، پنهنجي حڪومتي دور ۾ سڀ ڪجهه عوام کي ڪري ڏيکاريو آهي، هن چيو ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ گيس ۽ پيٽرول جون قيمتون نه وڌڻ جي برابر هيون، بجيٽ ۾ خسارو گهٽائڻ لاءِ بجيٽ ۾ هڪ روپيو نه وڌو ويو، صحافي سوال ڪيو ته قيمتون ته گهٽجي وينديون پر خزاني تي بار پوندو، ان تي شاهد خاقان عباسي چيو ته ائين نه ٿيندو، خزاني مان ڪجهه نه کڻندس، رڳو مئنجمينٽ جي سطح تي قيمتون ڪنٽرول ٿي وينديون، هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت ڪوڙ ڳالهائڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ورتو آهي ۽ ڪوڙا ڪيس به ٺاهيا پيا وڃن ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ۽ نه ان سان پريشان آهي، صحافي سوال ڪيو ته توهان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي ان تي شاهد خاقان عباسي چيو ته مان انهن جو شين جو عادي آهيان ۽ 8 سال اڳ به اي سي ايل ۾ نالي سميت ڀوڳي چڪو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *