1991 جي پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ لاءِ پاڻي نه رکيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اتي لڳائي سگهجي ٿو: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  گذريل ڏينهن وزيراعظم پاران 11 ڊسمبر 2019 جو سڏرائيندڙ سي سي آئي جي اجلاس بابت تياري اجلاس جي صدارت ڪئي. وڏي وزير ايجنڊا جو جائرو ورتو ۽ بين الاصوبائي رابطي کاتي (آئي پي سي) کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس لاءِ سڀني لاڳاپيل سمرين جو بندوبست ڪري ۽ سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪري وٺي ته جيئن هو تمام خاص معاملن سوڌو 1991ع پاڻي جو معاهدو، توانائي پاليسي، ايف بي آر پاران صوبائي ايڪسائيز کاتي جي اڪائونٽ مان سڌي ريت ڪٽوتي ڪيل وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي واپسي سميت ٻين مسئلن تي پنهنجي حڪومت جو نقطه نظر پيش ڪري سگهي. ارسا آڪٽوبر 2019 ۾ جهلم لنڪ ڪينال چشمي تي واقع 25 ميگاواٽ جو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ لڳائڻ لاءِ اين او سي جاري ڪئي آهي. صوبائي حڪومت جو نقطه نظر هي آهي ته ارسا اهڙي طرح جي اين او سي جاري ڪرڻ جو مجاز نه آهي ان ڪري اهو معاملو سي سي آئي واري اجلاس ۾ اچڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته جهلم لنڪ ڪينال چشمو ڪو مستقل ڪينال نه آهي پر هي ته فلڊ ڪينال به نه آهي ڇوته ان ۾ سڄي سال جي پاڻي جو وهڪرو نه هوندو آهي. هن چيو ته جڏهن 1991 جي پاڻي واري معاهدي ۾ جڏهن اسان لاءِ پاڻي نه رکيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اتي لڳائي سگهجي ٿو. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ ڪيس تيار ڪري ۽ کيس هڪ هفتي اندر پيش ڪري.
اي او بي آئي:
18هين آئيني ترميم موجب سنڌ اسيمبلي سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014 ۽ سنڌ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 2014 پاس ڪيو ان ڪري ٻئي ورڪرز ويلفيئر آرڊيننس آف 1976 ۽ اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976 کي سنڌ جي حد تائين منسوخ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آئي جي انتظامي ڪنٽرول سميت اثاثا سنڌ حوالي ڪن. ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آئي سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن. هن ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان بابت ڪيس تيار ڪري.
پيٽروليم پاليسي 2012:
وفاقي حڪومت پيٽروليم (ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن) پاليسي 2012 ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي جنهن تحت 5 سيڪڙو ”ڪيرنگ ورڪنگ انٽرسٽ“ جو تصور شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايڪسپلوريشن ناڪام ٿيڻ تي کيس 5 سيڪڙو خرچ جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا. وڏي وزير چيو ته کيس حڪومت اهڙي ريت ”ڪيرينگ ورڪنگ انٽرسٽ“ خلاف آهي ۽ هي صوبائي وسيلن لاءِ هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو. هن توانائي کاتي تي زور ڀريو ته ان بابت ڪيس تيار ڪري.
فوڊ اٿارٽيز اينڊ پي ايس ڪيوسي اي:
پاڪستان اسٽينڊرڊ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (پي ايس ڪيو سي اي) فوڊ اٿارٽيز وچ ۾ ڪوالٽي ڪنٽرولنگ ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي بابت معاملو هلي رهيو آهي. سنڌ حڪومت اهو محسوس ڪندي آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ فوڊ آرٽيڪلز صوبائي ڊومين ۾ ايندو آهي جيڪڏهن انهن کي ريگوليٽ، معائنو، رجسٽر ۽ کيس نفاذ صوبائي فوڊ اٿارٽي کي کين لاڳاپيل صوبي ۾ ڪرڻو آهي، وڏي وزير فوڊ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو ان بابت ڪيس تيار ڪري ۽ کيس ميٽنگ لاءِ پيش ڪري.
تفويض ڪيل پروگرام لاءِ فنڊنگ:
وزارت صحت 30 جون 2011 تي پنهنجا سڀئي عمودي پروگرام صوبي کي تفويض ڪيا هئا. سي سي آئي پنهنجي 28 اپريل 2011 واري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته وفاقي حڪومت ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ تائين فقط عمودي پروگرام لاءِ فنڊنگ ڏيندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو 13 ارب رپين جي لڳ ڀڳ قرض يا ڪليم آهي جيڪو وفاقي حڪومت کي جلد ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن صحت کاتي کي ان بابت ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ايف بي آر پاران ڪيل ڪٽوتيون:
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 8 ارب رپين کان وڌيڪ پاڻمرادو صوبائي حڪومت جي اڪائونٽ مان ڪٽوتي ڪيا آهن. وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ تفصيلي ڪيس تيار ڪري جنهن ۾ ايف بي آر سان گڏ ان حوالي سان ٿيندڙ اجلاسن کي واضح ڪري ته جيئن سي سي آئي فورم وٽان ان رقم کي واپس حاصل ڪري سگهجي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين کي ٻڌايو ته هو وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي پنهنجا تفصيلي ڪيس جمع ڪرائي ڇڏين ۽ هو سي سي آئي جي اجلاس لاءِ پنهنجيون سفارشون جوڙڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس گهرائيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *