1986 ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو  تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي، سينيٽرز، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين عهديدارن کي ٽيلفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين جو چوڻ هو ته 31 آڪٽوبر 1986جو ڏهاڙو ان حوالي سان ڏکوئيندڙ آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. پڪي قلعي حيدرآباد جي جلسي جي موقعي تي خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي پوري قوت سان ڪوشش ڪئي. الطاف حسين جو چوڻ هو ته کيس ٽوڙڻ لاءِ تشدد جا مختلف حربا اختيار ڪيا ويا جڏهن سموريون ايجنسيون ڪيترن ئي ڏينهن تائين تشدد ڪري ٿڪجي پيون ته مختلف ڪيس بڻائي جيل منتقل ڪيو ويو. هي سانحي ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جي هڪ اهڙو دردناڪ داستان آهي جيڪو وساري نٿو سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *