1965 واري جنگ اسانجن شهيدن، غازين ۽ شهرين جي شجاعت ۽ بهادري جو داستان آهي: شهبازشريف اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته سيپٽمبر واري جنگ اسانجن شهيدن غازين ۽ شهرين جي لازوال بهادري جو داستان آهي شهيدن کي قوم جو عقيدت ڀريو سلام پيش آهي الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ مدد سان سيپٽمبر جي جنگ جي جذبي سان دشمن جا ڏند ٻيهر ڀڃي ڇڏينداسين انشاءالله هاڻي به پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائيندا رهنداسين عسڪري لحاظ کان اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪنداسين جمعي تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستانين ثابت ڪيو ته ڪوئي انهن کان آزادي نٿو کسي سگهي هن چيو ته عظيم پاڪستانين دشمن تي ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان کي اسان جي آزادي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پياري آهي هن چيو ته سيپٽمبر واري جنگ جو سبق آهي ته اسان معاشي طور تي طاقتور آهيون غيرن جي محتاجي کان نجات حاصل ڪريون هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستانين کي معاشي طاقت بڻجڻو پوندو هي اسان جي قومي مفاد ۽ سلامتي جو معاملو بڻجي چڪو آهي هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن بهادر ڪشميرين سان وفا جي وچن جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پنهنجو رت ڏيئي ڪشمير جي آزادي جو دفاع ڪنداسين هن چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو کان نوازشريف تائين قوم جي فخر جوڳن سڀني پٽن نياڻين جا ٿورائتا آهيون.

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته سيپٽمبر واري جنگ اسانجن شهيدن غازين ۽ شهرين جي لازوال بهادري جو داستان آهي شهيدن کي قوم جو عقيدت ڀريو سلام پيش آهي الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ مدد سان سيپٽمبر جي جنگ جي جذبي سان دشمن جا ڏند ٻيهر ڀڃي ڇڏينداسين انشاءالله هاڻي به پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائيندا رهنداسين عسڪري لحاظ کان اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪنداسين جمعي تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستانين ثابت ڪيو ته ڪوئي انهن کان آزادي نٿو کسي سگهي هن چيو ته عظيم پاڪستانين دشمن تي ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان کي اسان جي آزادي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پياري آهي هن چيو ته سيپٽمبر واري جنگ جو سبق آهي ته اسان معاشي طور تي طاقتور آهيون غيرن جي محتاجي کان نجات حاصل ڪريون هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستانين کي معاشي طاقت بڻجڻو پوندو هي اسان جي قومي مفاد ۽ سلامتي جو معاملو بڻجي چڪو آهي هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن بهادر ڪشميرين سان وفا جي وچن جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پنهنجو رت ڏيئي ڪشمير جي آزادي جو دفاع ڪنداسين هن چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو کان نوازشريف تائين قوم جي فخر جوڳن سڀني پٽن نياڻين جا ٿورائتا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *