1947ع کان جاچ قبول ناهي،الزام وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي آهي، احتساب به رڳو انهن جو ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 1947ع کان جاچ ڪنهن به ريت قبول ناهي، پاناماليڪس ۾ الزام وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي آهي، تنهن ڪري احتساب به رڳو انهن جو ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙندڙ ڪميشن رڳو وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب تي لڳل الزامن جي جاچ ڪري، هن چيو ته ميان صاحب ملڪ جو سربراهه آهي، تنهن ڪري سندس احتساب سڀني کان پهرين ٿيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن جاچ جي شروعات 1947ع کان ڪئي وئي ته اها 100 سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندي، خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب کي ڇڏي باقي ماڻهن لاءِ ڀلي ڌار ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا چاهي ته ڀلي 1947ع کان جاچ شروع ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *