19 جون 1992 ڪارو ڏينهن هو جڏهن سنڌ جي وڏين مڇين ۽ ڌاڙيلن خلاف ٿيندڙ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن ڪيوويو: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته 19 جون 1992 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن هو جڏهن سنڌ جي وڏين مڇين ۽ ڌاڙيلن جي خلاف ٿيندڙ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو 19 جون 1992 جي شهيدن جي 23هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي 72 وڏين مڇين ڌاڙيلن ۽ اغوا جي وارداتن جي خلاف ٿيندڙ آپريشنجو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ايم ڪيو ايم جي خلاف شروع ڪيل رياستي آپريشن دوران 18 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو هزارن کي گرفتار ڪري خانگي جيلن ۾ بند ڪري تشدد ڪيو ويو مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا سوين ڪارڪن جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا هن چيو ته سمورن رياستي ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم جا پرعزم جيالا ۽ ثابت قادر ڪارڪنن جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ٿي سگهيا ۽ حقن جي جدوجهد ۾ ڪارڪنن لازوال تاريخ رقم ڪئي هن چيو ته 19 جون 1992 کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف شروع ٿيندڙ رياستي آپريشن ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ تائين جاري اهي الطاف حسين 19 جون 1992 جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سمورن ظلمن جي باوجود شهيدن جي قربانين جي ڪري اڄ ايم ڪيو ايم قائم ۽ دائم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *