18 حاجي شهيد ٿيا، منيٰ سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل پاڪستاني حاجين جي فهرست جاري

اسلام آباد (اي پي پي) منيٰ سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل پاڪستاني حاجين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، مذهبي معاملن واري وزارت سعودي عرب مان مليل تازن اطلاعن موجب ٻڌايو ته منيٰ ۽ ڀاڄ سبب 18 پاڪستاني شهيد ۽ 20 زخمي ٿيا، جڏهن ته 300 لاپتا آهن، فوتين ۾ حفصه شعيبزرين نسيم، سيده نرجس شهناز، بي بي زينب، محمد ارشد، رشيدان بي بي، زاهد گل، ڊاڪٽر امير علي لاشاري، مخدوم سيد اسد مرتضيٰ گيلاني ۽ شهناز قمر، اسلام احمد، بشريٰ بي بي، محمدمسرت، عظيم خان، محمد ادريس، امير محمد ملوڪ ۽ گل شهناز شامل آهن، سانحي دوران 20 پاڪستاني حاجي زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ عتيق الرحمان، نسرين اختر، محمد يونس، مرزا محمد يعقوب، بشيران بيگم، سيد محمد علي اڪبر، محمد جميل، معراج الدين، رخسانه شاهين، محمد اقبال، محمد شفيع، اسما خاتون، بي بي فاطمه، فاطمه اقبال، بانو، نفيسه خاتون، جويريه طارق، سيد محمد عباس، مهربانو ۽ محمد اسد شامل آهن، جن مان 10 کان ابتدائي طبي امداد بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين جو اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، شروعاتي طور تي 300 پاڪستاني لاپتا ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته انهن مان 86 جو پنهنجي عزيزن سان رابطو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *