18 آڪٽوبر تي مزار قائد تي ٿيندڙ پ پ جو جلسو سڀ رڪارڊ ٽوڙيندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنKHI30-6ڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو اهي ته 18 آڪٽوبر تي مزار قائد تي ٿيندڙ پيپلزپارٽي جو جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙِ ڇڏيندو جهڙي طرح 18 آڪٽوبر 2007 تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آجيان لاءِ لکين ماڻهو شامل ٿيا هئا ۽ سياچن کان به ماڻهو آيا هئا اهڙي طرح بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ به سڄي ملڪ مان ماڻهو ايندا هن عام جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو مستقبل جو پروگرام عوام کي پيش ڪندو هو اڱاري تي چيف منسٽر هائوس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي تاج حيدر، ڄام مهتاب ڏهر ۽روبينه قائمخانيوقار مهدي راشد حسين رباني حاجي مظفر شجره پروين قائمخاني ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر جي جلسي جي تيارين جي حوالي سان غور ڪيو ويو ۽ هي عزم ڪيو ويو ته هي جلسو تاريخي جلسو ثابت ٿيندو اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو هن چيو ته پيپلزپارٽي جا عهديدار ۽ ڪارڪن پرجوش آهن ۽ اهي بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان قيادت ۾ هڪ نئين جذبي سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا هي اهو ئي جذبو آهي جيڪو شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وقت هو هن چيو ته جڏهن بينظِر ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالي هئي ته ان وقت ان جي به اها ئي عمر هئي جيڪا اڄ بلاول ڀٽو زرداري جي آهي هن چيو ته هي حقيقت آهي ته ذوالفقارعلي ڀٽو جي عوام لاءِ قرباني جي ڪري پاڪستان جو عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏي ٿو پيپلزپارٽي ۾ شهيد ڀٽو جو جذبو آهي جنهن پاڪستان کي مضبوط ڪيو ان کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ ان کي اسلام جو قلعو بڻائي ڇڏيو ان جي ڌي بينظير ڀٽو پاڪستان لاءِ عظيم قرباني ڏني بلاول ڀٽو جو تعلق انهيءَ خاندان سان آهي ۽ بلاول پنهنجي شهيد اڳواڻن جي نقش قدم تي هلڻ چاهي ٿو هن چيو ته جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر کان ئي پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪري رهيو آهي پر ان جي ٻن چئن قدمن پاڪستان جي ماڻهن جون دليون خوش ڪري ڇڏيون چنيوٽ جي ٻوڏ متاثرن کان ملڻ ويو ته کيس ٻڌايو ويو ته متاثرين ٻوڏ جي پاڻي جي ٻئي طرف رهن ٿا بلاول متاثرن سان ملڻ لاءِ خراب پاڻي ۾ لهي ويو. غريب عورتن ۽ مردن سان هڪ ٿي ويو ڇو ته کيس بلاول ۾ شهيد بي بي جي صورت نظر آئي هن چيوت ه سنڌ ۾ به بلاول ڀٽو زرداري قادرپور بند ۽ ٽوڙهي بند تي موجود لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن ڏانهن ويو ۽ مٽي تي ويهي انهن سان ڏک سک اوريو بلاول اسان کي هدايت ڪئي ته انهن ماڻهن کي سموريون ضرورتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي اسان انهن کي سموريون ضرورتون فراهم ڪري ڇڏيون اهڙي طرح بلاول مٺي ۾ به سيڪيورٽي کان سواءِ پهچي ويو ۽ ڏڪار سٽيلن سان وقت گذاريو هن چيو ته اسان اهڙي نوجوان قيادت پاڪستان جي عوام کي پيش ڪري رهيا آهيون 18 آڪٽوبر جو جلسو هڪ طرقي پسند ۽ لبرل پارٽي جو جلسو هوندو جيڪو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. ان کان پڇيو ويو ته جلسي کان اڳ ڀرتين تان پابنديون ختم ڪيون ويون آهن ڇا هي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ جي پاليسي آهي سيد قائم علي شاهه چيو ته اسان ماڻهن سان ڪڏهن به غلط ۽ ڪوڙا واعدا ناهن ڪيا اسان گذريل حڪومت ۾ 3 لک ماڻهن کي روزگار ڏنو هي غريبن جو حق هو جيڪو اسان ڏنو اسان شهيد بي بي جو هي واعدو پورو ڪيو ته روزگار سڀني لاءِ آهي ان وقت ته ڪوئي جلسا نه ٿي رهيا هئا غريبن کي انهن جو حق ڏيڻ جو جلسن سان ڪوئي تعلق نه آهي عوام پيپلزپارٽي جي قربانين جي ڪري محبت ڪري ٿو ان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ميمبرن هي مطالبو ڪيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداريوانگر صوبائي قيادت به ماڻهن کان معافي گهري سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهڙِ قسم جي ڪائي ڳالهه ناهي ٿي اجلاس ۾ صرف 18 آڪٽوبر جي جلسي جي ڳالهه ٿي ڪائونسل جا ميمبر ان جلسي جي حوالي سان گهڻو پرجوش هئا ۽ انهن جي جذبي جو عالم هي آهي ته اٽڪل 100 سيڪڙو ڪائونسل ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *