18 ڪروڙ عوام چونڊيو 5 هزار جي چوڻ تي استعفيٰ ڇو ڏيان: نواز شريف

140917103523_nawaz_sharif_shahbaz_sharif___304x171__nocredit
اٽڪ (م.ڊ) وزيراعظم محمد نوازشريف وڏ وزارت جي عهدي تان استعيفيٰ جي مطالبي تي هڪ دفعو ٻيهر رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته 18 ڪروڙ عوام چونڊيو آهي 5 هزارن جي چوڻ تي استعفيٰ ڇو ڏيان روڊ ۽ رستا صاف ڪرڻ مشڪل ڪم نه آهي حڪومت تحمل کان ڪم وٺي رهي آهي ڌرڻن وارا ملڪي ترقي جي رستي ۾ پٿر آهن ايندڙ ٽن چئن سالن تائين بجلي جي کوٽ ختم ڪري ڇڏينداسين تيل ۽ گئس جي نئين دريافت سان خوشي ٿي وزارت پيٽروليم تيل ۽ گئس جي وڌيڪ تلاش ڪري اربع تي هتي وزيراعظم نوازشريف جو تيل ۽ گئس جي 100هين سگري ون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چين جي صدر پاڪستان اچي معاهدن تي صحيح ڪرڻي هئي چين جو صدر پاڪستان ڇو نه آيو ان جو سبب هرڪو ڄاڻي ٿو چين جو صدر هاڻي پاڪستان نه پر ڀارت وڃي رهيو آهي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هڪ تڪ ۾ 7 هزار ۽ ڪٿي هڪ لک کان مٿي ووٽ ئي ڌانڌلي هوندي آهي اليڪشن کٽڻ تي واڌايون ڏنيون ويون ۽ گڏ هلڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا نگران حڪومت اسان جي نه هئي نه اسان مبينه ڌانڌلي جا ذميوار اهيون چونڊن ۾ اسان جا هٿ ٻڌل هئا وفاق ۽ صوبن ۾ مسلم ليگ (ن) جون عبوري حڪومتون نه هيون اسان جا هٿ ٻڌل هئا جڏهن ته اسان اليڪشن ۾ وياسين 2008 ۾ ڌانڌلي جي باوجود اسان رڙيون نه ڪيون 18 ڪروڙ عوام وزيراعظم چونڊيو آهي ۽ 5 هزار ماڻهن جي چوڻ تي استعفيٰ ڇو ڏيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *