18 هين ۽ 21هين ترميم سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي: ڀارت جو آئين پاڪستان لاءِ  سٺو مثال ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ 18 ۽ 21 آئيني ترميم  متعلق درخواستن جي ٻڌڻي ۾ جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته  ڀارت جو آئين پاڪستان لاءِ  سٺو مثال ناهي. جسٽس اصف سعيد کوسو جو چوڻ هو ته  طاقت جو محور هڪ هٿ ۾ هجڻ خطرناڪ آهي. ماڻهو پهرين آئين ۾ ترميم ڪندا آهن ۽ پوءِ روئڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ 18 ۽ 21 ترميم سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي اڳواڻي  ۾ فل ڪورٽ بينچ ڪري رهيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسو چيو ته اسان جو آئين اقليتن کي انهن جي مرضي مطابق زندگي گهارڻ جو تحفظ ڏئي ٿو جڏهن ته پارليامينٽ جو چوڻ آهي ته ان کي قانون سازي ۽ ترميم جو اختيار آهي. ڇا اسان جي آئين جو ڪو بنيادي ڍانچو آهي. جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان چيو ته آئين جي بنيادي ڍانچي جي سوال تي غور ڪرڻ اڃان باقي آهي.جسٽس جواد ايس خواجا ريماڪس ڏنا ته اختيارن جي حوالي سان ادارا هڪٻئي تي نظر رکندا آهن .ڀارت ۾ آئين جا 27  بنيادي ڳالهين کي مڃيو ويو آهي. ڀارت جي آئين جو مٿاڇرو جائزو ورتو وڃي ته اهو پاڪستان جي آئين کان مختلف آهي. ڀارتي آئين پاڪستان جي لاءِ ڪو سٺو مثال ناهي. ٻڌڻي اڃان هلندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *