18هين ترميم کانپوءِ فلم صوبائي سبجيڪٽ آهي، حڪومت فلمن جي واڌري لاءِ فلم فيسٽيول ڪرڻ جا انتظام ڪندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ فلم صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ سندس حڪومت ملڪ ۾ فلمن جي واڌري لاءِ اهڙا فلم فيسٽيول ڪرڻ جا انتظام ڪندي. هن اها ڳالهه اڄ ايشيا پيس فلم فيسٽيول جنهن جو اهتمام صوبائي سڌسماءَ واري کاتي جي سهڪار سان ثقافت کاتي ايڪسپو سينٽر ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچي سڀ ڪا“ جي عنوان سان رٿيل صدارتي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته فيسٽيول جو ٿيم ”ڪراچي سڀ ڪا“ دلچسپيءَ وارو آهي ۽ ان م ڪو شڪ نه آهي ته ڪراچي بحيثيت هڪ جديد معاشري جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ هتي هر هڪ طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا آهن ۽ جن جا هڪٻئي سان سنڌي يا اڻ سڌي ريت لاڳاپا آهن. هن چيو ته هن شهر جي اها اونرشپ يقينن مستحڪم ٿيندي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، مختلف سوچ رکندڙ ۽ مختلد مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پُرامن ماحول ۾ ڀائيچارگي واري فضا ۾ رهي رهيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه کي ان ايونٽ جي انعقاد وارين ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي طرح اسانجي معاشري جي حقيقي هم آهنگي جو اظهار ٿيندو آهي. صوبائي حڪومت فلم جي فروغ ۽ صوبي ۾ سينيما واري صنعت جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته فيسٽيول ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ 109 کان وڌيڪ فلمون ڏيکاريون وينديون. هن چيو ته هي فيسٽيول ٽيڪنالاجي جي تجربي، اسڪرپٽ واري ڪم، اسڪرپٽ جي ٽيڪنيڪ، پڪچرائيزنگ واري ٽيڪنيڪ کي شيئر ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف ماحول ۾ مختلف ٽيڪنالاجيز جي شيئرنگ ٿيندي آهي ۽ مختلف ملڪن ۾ فلم مارڪيٽ کي فروغ حاصل ٿيندو آهي. وڏي وزير چيو ته سندس ادبي فيسٽول، فوڊ فيسٽيول، فلم فيسٽيول، ميوزڪ ڪانسرٽ، ادبي پروگرام ۽ اهڙي طرح جي ٻين پروگرامن جي شهر ۾ انعقاد کي ڏسي فخر محسوس ٿيندو آهي ته اڳ هي شهر دهشتگردن، مافيا، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ گينگسٽر جو هدف هو پر اڄ هي شهر امن، سڪون، واپار، صنعت ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هي شهر ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته فلم فيسٽيول سان سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته هن فلم فيسٽيول بدولت مختلف ملڪن کان 400 کان وڌيڪ ماڻهو ان کي ڏسڻ لاءِ آيا آهن ۽ هن شهر ۾ رٿيل هن فلم فيسٽيول سان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. انکان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چئن ڏينهن واري (23 کان 26 فيبروري 2018) فلم فيسٽيول جو ربن ڪاٽي افتتاح ڪيو. هن فلم فيسٽيول جي موقعي تي منعقد ٿيل پينٽنگ نمائش جو به دورو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *