18هين ترميم ۾ وڏن وزيرن کي آمرن جيترا اختيار ملي ويا: عمران خان

ڪراچي (م.ڊ) 18هين ترميم ۾ وڏن وزيرن کي آمرن جيترا اختيار ملي ويا، ڪجهه مامرن ۾ ته صوبن وٽ وفاق کان وڌيڪ اختيار آهن، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18هين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن ته منتقل ٿيا پر مڪاني ادارن تائين نه پهچي سگهيا، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ خاميون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مالياتي ايوارڊ تحت ورڇ ۾ دفاعي خرچ ڀرڻ کانپوءِ وفاق وٽ 700 ارب رُپين جو خسارو ٿي وڃي ٿو، لاڪ ڊائون ڪرڻ سان بلاول هائوس تي ڪوبه فرق نه پوندو، پر غريب عوام ڪيئن گذارو ڪري سگهندو؟ افسوس آهي جو سنڌ جا وزير اين سي او سي ۾ هڪڙي ۽ پريس ڪانفرنسز ۾ وري ٻي ڳالهه ڪندا آهن، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان گورنر راڄ، اٽي بحران ۽ پي ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ جا پروگرامز نشر نه ٿيڻ بابت پُڇيل سوالن جا جواب نه ڏنا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *