18هين ترميم ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ سان آئيني بحران پيدا ٿيندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته 18 هين ترميم ۾ ڦير ڦار جي معاملي تي اپوزيشن پارٽين سان رابطي ۾ آهيون، گڏيل موقف آڻينداسين، هن چيو ته حڪومت هڪ پاسي ٻڌي جو درس ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي اين ايف سي ايوارڊ تي نئون قانون آڻڻ جو چيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان کي مسلسل تجربيگاهه بڻايو ويو آهي، 18 هين ترميم پارليامينٽ مان اتفاق راءِ سان پاس ڪئي وئي هئي، ملڪ ۾ صدارتي نظام ۽ مارشل لا ناڪام ٿي چڪو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ 2 ٽڪر ٿي چڪو آهي، سمورين سياسي پارٽين گڏجي پارلياماني حڪومت تي اتفاق ڪيو هو، هن چيو ته 1973 جو آئين ٺهيو، جنهن کي سمورين سياسي پارٽين اتفاق راءِ سان پاس ڪري آئين جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪيو، سموريون سياسي پارٽيون آئين تي نظرٿاني ۽ سڌار ڪميٽي ۾ شامل ٿيون، آئين جي بنيادي ڍانچي ۾ ڪنهن هڪ شق کي ختم ڪيو وڃي ٿو ته ان لاءِ نئين سر آئين ساز پارليامينٽ تشڪيل ڏيڻي پوندي ۽ آئين سازي ڪرڻي پوندي، ڪهڙي ايجنڊا ۾ 18 هين ترميم ڦير ڦار جو ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، انهن سان آئين بحران پيدا ٿيندو ۽ حالتون ڪنهن آئيني بحران جي سٽ نٿيون برداشت ڪري سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *