18هين ترميم بعد علائقائي ميڊيا صوبن جي ذميواري آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ارڙهين ترميم بعد علائقائي ميڊيا صوبن جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت جو اشتهارن جو خرچ وفاق کان ٻيڻو آهي جيڪڏهن اهو صحيح نموني خرچ ٿيندو ته نظر ايندو اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪراچي جي چئن اسپتالن جو سنڌ حڪومت ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي هڪ ايم اين اي جي ڀاءُ کي ڳري پگهار تي رکيو آهي. هن چيو ته اڳ پيپلز پارٽي چئني صوبن جي زنجير هوندي هئي پر زرداري صاحب پيپلز پارٽي جو اهو هال ڪيو آهي جيڪو ضياءَ به نه ڪري سگهيو. هن وقت پيپلز پارٽي جي سياست وفاق بجاءِ علائقائي بڻجي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي علائقائي ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *