172 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي: اپوزيشن قيادت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  شهباز شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ تي اسان ميمبرن کي ايواڻ ۾ آڻينداسين ۽ 172 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين.  ذريعن موجب ٽنهي سياسي اڳواڻن پاران اڄ ساڍي 4 وڳي پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي پر ان جي شروعات دير سان ٿي. پريس ڪانفرنس جي شروعات ڪندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته سليڪٽڊ وزيراعظم پوڻا چار سال جيڪا معيشت جي تباهي ڪئي آهي، ان جو مثال نٿو ملي، کربن جي قرضن باوجود ملڪ ۾ هڪ سر به ناهي لڳائي وئي. هن چيو ته قرض کڻي اسان جي نسلن کي به  گروي رکيو ويو آهي، اسان جي سٺي ۽ خراب وقت ۾ ساٿ ڏيندڙن کي به ناراض ڪيو ويو، چين جهڙن دوستن کي ڪاوڙائڻ ڪٿان جي پاليسي آهي؟ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي، ان جو هڪ لفظ به هتي چوڻ نٿو ٺهي، ميلسي ۾ تقرير ڪري هروڀرو يورپي يونين کي ناراض ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اسان سڀني هي فيصلو پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر پاڪستان جي لاءِ ڪيو آهي، اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو ويو، پرڏيهي سازش چوڻ کان وڌيڪ احمقاڻي ڳالهه نٿي ٿي سگھي، ڀينرن ۽ ڌيئرن تائين جيل ۾ وڌو ويو، هي ڪو احتساب ناهي، هي بدترين انتقام آهي، جيڪڏهن اسان دير ڪئي ته عوام معاف ڪري نه خدا. ان بعد سوالن جا جواب ڏيندي اپوزيشن ليڊير چيو ته اسان جي ذميواري ۽ حق آهي ته سڀني سان رابطو ڪريون، اسان پي ٽي آءِ جي ميمبرن سان به رابطا ڪنداسين، پي ٽي آءِ ۾ جنهن جا ضمير جاڳي چڪا آهن، انهن کي دعوت ڏينداسين، انهن کي چونداسين ته اچو اسان جو ساٿ ڏيو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سال 2018 جي چونڊن کانپوءِ هڪ هفتي ۾ گڏيل موقف اختيار ڪيو هو ته 2018 جي چونڊن ۾ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، مارچ هن جدوجهد جو تسلسل آهي، جنهن قوم ۾ شعور بيدار ڪيو، اسان پنهنجي موقف بابت قوم آڏو شرمسار ناهيون، دوکو دوکو ئي هوندو آهي، آمريڪا جي مخالفت ۾ ڳالهه ٿي رهي آهي، يورپ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اسان توهان جي  اصليت کي ڄاڻيون ٿا. هن چيو ته مقبول نعرن جو سهارو نه وٺو، توهان جلسن ۾ اسان کي گاريون ڏئي رهيا آهيو پر ملڪي مفاد ۾ اپوزيشن گڏ آهي، بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيندي، قوم کي ڇوٽڪارو ڏياري رهنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون، پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن سان دشمني ناهي ٿيندي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اسان جيڪا ڳالهه چئي اها سچ ثابت ٿي آهي، اسان ڪاميابي تي يقين رکون ٿا، بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيندي ۽ قوم خوشخبري ٻڌندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پريس ڪانفرنس دير سان شروع ٿيڻ تي معذرت ڪئي ۽ چيو ته مون سان پنج سال صحافين اختلاف ڪيا، تهمت به لڳائي، اسان برداشت ڪيو. هن چيو ته ڪا اڪيلي پارٽي پاڪستان کي ڏکيائين مان نٿي ڪڍي سگھي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، اسان سمورن دوستن کي دعوت ڏينداسين ۽ ايندڙ نسلن کي هنن پريشانين مان آزادي ڏيارينداسين، پي ٽي آءِ جا پنهنجا دوست به ان مان بيزار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان ايوان ۾ ميمبر به آڻينداسين ۽ 172 کان وڌيڪ ووٽ به کڻنداسين، هي چاهين ٿا ته مان انهن کي انگ ٻڌايان، ڇا نالو به ٻڌايان؟ ان تي سڄي هال ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. ياد رهي ته اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *