150 گيت لائبرري ۾ موجود آهن پر،البم رليز نه ڪندس: عاطف اسلم

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري ڳائڻي عاطف اسلم جو چوڻ آهي ته هن جي لائبرري ۾ 150 کان وڌيڪ گيت موجود آهن پر هو انهن کي البم جي صورت ۾ رليز ڪرن جو ڪو به ارادو ناهي.هڪ انٽرويو ۾ عاطف اسلم  جو چوڻ هو ته هاڻي ڪاروباري ماڊل بلڪل مٽجي چڪو آهي اهو ئي سبب آهي جو هو البم رليز نٿو ڪرڻ چاهي.عاطف اسلم جو آخري البم“ ميري ڪهاني”2008ع ۾ رليز ٿي هئي.عاطف جو چوڻ هو ته هاڻي اهو وقت ناهي رهيو جڏهن ماڻهو دڪانن تي وڃي  موسيقي جا البم وٺندا هئا. هاڻي ماڻهو پنهنجي پسند جا گيت گهڻو ڪري نيٽ تي ئي آن لائين ڊائون لوڊ ڪري وٺن ٿا.عاطف اسلم  جو نئون گانو “ زندگي آ رها هون مين” بولي وود جي اداڪار ٽائيگگر شرو جي نئين فلم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي تمام جلد رليز ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *