15-2013ع تائين بنا ريٽ جي 5 ارب رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا: رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب سنڌ اطلاعات کاتي ۾ 3 ارب رپين جي ڪرپشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، نيب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي بنا ريٽ مقرر ڪرڻ جي 7 ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيز کي 5 ارب جا اشتهار جاري ڪيا، جنهن سبب سرڪار کي 3 ارب رپين جو نقصان ٿيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران ڪرپشن الزامن خلاف درخواست تي نيب سنڌ پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اطلاعات واري اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ تڏهوڪي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي ٻين آفيسرن سان گڏجي 7 ايڊورٽائيزنگ ايجنسيز کي رليز آرڊر جاري ڪرايا، جن ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون. نيب رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2013ع کان 2015ع تائين ريٽ مقرر ڪرڻ کانسواءِ 5 ارب رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جنهن سبب سرڪار کي 3 ارب رپين جو نقصان ٿيو. نيب رپورٽ موجب ميڊيا جي مختلف ادارن کي سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته باقي 3 ارب رپين جون بي ضابطگيون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *