15 هين قومي وومينز نيٽ بال چيمپيئن شپ 12 اپريل کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن (پي اين ايف) جي انتظام هيٺ 15 هين قومي نيٽ بال چيمپيئن شپ 12 اپريل کان پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد جي حميدي هال ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي صدر مدثر آرائين ٻڌايو ته چيمپيئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان 17 ٽيمون شرڪت ڪنديون. جن ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان واپڊا، پاڪستان پوليس، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي، پاڪستان ريلوي، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، پنجاب، خيبر پختونخواه، سنڌ، بلوچستان، اسلام آباد، فاٽا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، لاهور گرائمز اسڪول لمز يونيورسٽي ۽ گلگت بلتستان شامل آهن. چيمپيئن شپ ۾ سنڌ جي ٽيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. مينيجرز ميٽنگ 11 اپريل تي ٿيندي ۽ چيمپيئن شپ 17 اپريل تائين جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *