14-2013 دوران ملڪي اميرن دبئي ۾ 430 ارب رپيا سيڙپڪاري ڪئي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان گذريل ٻن سالن ۾ بيروني ملڪ منتقل ٿيندڙرقم جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته 14-2013 جي دوران ملڪي اميرن دبئي ۾ 430 ارب رپيا سيڙپڪاري ڪئي جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا آمريڪا يورپ ۽ خليجي ملڪن ۾ پراپرٽي بئنڪ اڪائونٽ ۽ زيور پيا آهن ٻنهي وڏين جماعتن جي سربراهن پنهنجي غير قانوني دولت بچائڻ لاءِ هڪٻئي سان مفاهمت ۽ ڳٺجوڙ ڪئي آهي هن چيو ته اميرن پاران 859.7 ملين آمريڪي ڊالر سوئس بئنڪن ۾ جمع ڪرايا ويا جڏهن ته حڪمران جماعت سوئس بئنڪ ۾ آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو جا 60 ملين ڊالر واپس آڻڻ لاءِ هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو عمران خان اسحاق ڊار تي به تنقيد ڪندي چيو ته رڪارڊ تي موجود آهي ته اسحاق ڊار چيو هو ته هن پنهنجي پٽ جي دبئي ڪائونٽ ۾ 40 لک آمريڪي ڊالر منتقل ڪيا هئا. جيڪي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ منتقل ڪيا ويا جڏهن ته هن ايف بي آر کي به پئسا واپس آڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي عمران خان چيو ته سمورن سياستدانن کي پنهنجا اثاثا ۽ بيروني ملڪ موجودب پراپرٽي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ وزيراعطم نوازشريف ۽ آصف زرداري کان شروعات ڪرڻ گهرجي. عمران خان چيو ته پي ٽِ آءِ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سمورن پاڪستانين جا ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر اثاثا ظاهر ڪري ڏيکاريندي ۽ صرف لٽيل رقم واپس نه آڻيندي پر ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا بهتر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *