وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ بابر يعقوب، فضل عباس ميڪن ۽ عارف خان جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ليڊر شهباز شريف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ ٽي نالا تجويز ڪري چڪو آهي، هاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرر لاءِ وزيراعظم عمران خان به ٽي نالا تجويز ڪري ورتا، جن مان هڪ نالي تي غور ويچار ڪيو ويندو، ذريعن موجب وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ بابر يعقوب، فضل عباس ميڪن ۽ عارف خان جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بابر يعقوب هن وقت اليڪشن ڪميشن ۾ سيڪريٽري آهي. ذريعن موجب گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرر لاءِ انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري جي صدارت ۾ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جڏهن ته ڌريون نالن تي اتفاق نه ڪري سگهيون هيون ۽ اجلاس ٻيهر هفتي کانپوءِ گهرايو ويو هو، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاران ٽي نالا تجويز ڪرڻ بعد شيرين مزاري طرفان هفتي کان اڳ اجلاس گهرائڻ جو امڪان آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *