14 پارٽين جو گرينڊ الائنس پ پ جو مينڊيٽ خراب ڪرڻ ٿو چاهي: وڏو وزير

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندن وٽان)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسيءَ جي موقعي ۾ شرڪت لاءِ هن ڀيري ڳڻپ کان وڌيڪ ماڻهو ايندا. اوهان ڏسي رهيا آهيون ته ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو آهي سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کان ماڻهن جا قافلا مزار تي پهچي ويا آهن. ماڻهو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو خطاب ٻڌڻ چاهين ٿا ۽ ان کي ٻڌڻ لاءِ ضرور ايندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي انتظامن جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پارٽي پاليسي بابت ڳالهائيندو ۽ پاڪستان جي سياست تي به ڳالهائيندو. هڪ نجي ٽي وي چئنل پاران غلط خبر هلائي آهي ته جلسو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نه پر نئون ديرو هائوس اندر ٿيندو جنهن ۾ ڪا به صداقت نه آهي جلسو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ئي ٿيندو چاهي موسم ڪهڙي به هجي پ پ جا جيالا موسمن جو فڪر نه ڪندا آهن. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جلسي کان پوءِ عمرڪوٽ جو اهو گرائونڊ ٻيهر ڪڏهن به ناهي ڀرجي سگهيو، جيڪو پ پ مخالف 14 پارٽين جي الائنس ۾ ان جلسي گاهه ۾ چوٿون حصو به ماڻهو نه هيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڻهن سان ملڻ چاهي ٿو،خاص طور تي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن سان ملڻ گهري ٿو ۽ انهن جي ڏک سور ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو. ڀٽو صاحب جو به اهو ئي عمل هوندو هو ته هو غريب ۽ پورهيتن جي وچ ۾ ويهي ڪچهريون ڪندو هو. هن چيو ته پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طبيعت ناساز هجڻ ڪري جلسي ۾ شريڪ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هن جو لنڊن ۾ علاج هلي رهيو آهي. هن چيو ته جمهوريت جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي آهي. پاڪستان ٺهڻ جي 25 سالن کانپوءِ آئين ٺهيو جيڪو هن وقت تائين قابل قبول آهي. گرينڊ الائنس ۾ شامل 14 پارٽيون پيپلز پارٽيءَ جو مينڊيٽ خراب ڪرڻ چاهن ٿيون، اهي 2013ع واري اليڪشن ۾ به پ پ مخالفت ۾ بيٺيون جن کي 4 يا 5 هزارن کان وڌيڪ ووٽ نه ملي سگهيا. پيپلز پارٽيءَ کي عوام جو مينڊيٽ حاصل آهي جيڪو آئيني آهي. انهن کي اليڪشن جو انتظار ڪرڻو گهرجي يا جيڪڏهن هنن وٽ ثبوت آهن ته هو ڪورٽن ۾ هليا وڃن.اهي ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پهريان اهي پنهنجو حساب سڌو ڪن پوءِ اسان تي آڱريون کڻن. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جڏهن به ڀٽو خاندان جو ڪو به فرد ايندو آهي ته ٿريٽ موجود هوندا آهن ۽ مخالفن پاران شوشا ڇڏيا ويندا آهن ته جئين جلسو ملتوي ٿئي. پر عوام کي خبر آهي ته ڀٽو خاندان ڪيترو بهادر آهي جيڪي ملڪ ۽ قوم لاءِ جانين جا نظرانا ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ هنن پنهنجو خون ڏئي ملڪ ۽ جمهوريت کي بچايو آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضرور ايندو ۽ جلسي کي خطاب ڪندو. ورسيءَ جا انتظام اڳي کان وڌيڪ بهتر طريقي سان مڪمل ڪيا ويا آهن. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جو علاج هلي رهيو آهي جيستائين ڊاڪٽر کيس اجازت نه ڏيندا ته هو نه ايندو ۽ هن کي اچڻ به نه گهرجي. باقي پارٽيءَ جي اڳواڻي بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سائوٿ پنجاب ۾ جيڪو پارٽيءَ جو جلسو ٿيو جنهن سان مخالف بوکلائجي ويا آهن جنهن ڪري مختلف قسمن جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن شايد انهن کي خبر ناهي ته پ پ جا جيالا ڪنهن به ناهن ڊڄندا. گرينڊ الائنس ۾ اهي ئي ماڻهو شامل آهن جيڪي اڳ به مختلف نالن سان پ پ مخالف الائنس جوڙيندا رهيا آهن پر هن وقت تائين اهي ڪجهه به ناهن ڪري سگهيا. هي اهي ئي همپٽي ڊمپٽي وارا قصا آهن. هو پيپلز پارٽيءَ خلاف الائنس ٺاهيندا رهندا ۽ پ پ انهن کي شڪست ڏيندي رهندي. سڀاڻي واري رٿيل سي اي سي جي اجلاس ۾ رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ بابت هڪ ئي ايجنڊا هوندي آهي.باقي آئوٽ سائيڊ واريون ڳالهيون ان ۾ نه ڪيون وينديون آهن. جيڪڏهن چيئرمين چاهي ۽ ڪو ميمبر ان کان اجازت وٺي ته پوءِ ٻي ڪنهن معاملي تي ڳالهائي سگهجي ٿو.باقي خاص طور تي ان اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي.ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، ناصر شاهه، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻي طرف  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ان حوالي سان پ پ پ ضلعي پاران انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ورسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ قافلا پڻ ڳڙهي خدابخش پهچي ويا آهن. ورسي جي مُک تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، سينيئر تعليم وارو صوبائي وزير نثار احمد کهڙو سميت مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جي وقت ڳڙهي خدابخش ۾ قرآن خواني سان ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ پارٽي جا مرڪزي، صوبائي اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي قائد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيندا ۽ فاتحه خواني ڪئي ويندي. جلسي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگيءَ تي مقالا پيش ڪيا ويندا. لاهور جي گلشن پارڪ ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي کي سخت ڪندي 6500 پوليس اهلڪار، 300 رينجرز، 1100 جانثارن سميت وومين پوليس سان گڏ ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي ايندڙ ڪارڪنن کي واڪ ٿرو گيٽس مان ماڻهن کي گذاريو پيو وڃي ۽ سي سي ٽي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن جن جي ذريعي سيڪيورٽي جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. ورسي جي حوالي سان ضلعي جي سمورن داخلي ۽ خارجي روڊن تي پوليس جون پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ پارڪنگ جي حوالي سان جلسي گاهه ويجھو بنگل ديرو ڳڙهي خدا بخش روڊ ۽ پنجو ديرو روڊ تي ٻن 20 ۽ 15 ايڪڙن تي ايراضي مختص ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري ڌار ڌار خصوص اڏام ذريعي نئون ديرو هائوس پهتا. جتي هو اڄ ٿيندڙ ورسي ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي نئون ديرو ۽ آسپاس ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي پوليس اهلڪارن کي مزار جي داخلي ۽ خارجي رستن تي مقرر ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *