13سالن ۾ پاڪستان ڪيترائي نائين اليون ڏٺا، پر امن ملڪ جنگي علائقي ۾ تبديل ٿي ويو: چوڌري نثار

هوسٽن (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته گذريل 13 سالن ۾ پاڪستان ڪيترائي نائين اليون ڏٺا پاڪستان مڪمل طور تي پرامن ملڪمان جنگي علائقي ۾ تبديل ٿي ويو دهشتگردي ٽوڙ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت متحد آهي حڪومت دهشتگردي جي لعنت ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي انت لاءِ جامع قومي ايڪشن پلان تي چڱي طرح عمل ڪري رهي آهي عبادتگاهون ۽ اسڪول بند نٿا ڪري سگهجن ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ وڃڻ کان نٿو روڪي سگهجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۾ وقت لڳندو هو يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس کي خطاب ڪري رهيو هو چوڌري نثار چيو ته جنگيون ڪڏهن به مسئلي جو حل ناهن هونديون نائين اليون واقعي ۾ ڪوئي پاڪستاني ملوث نه هو گهرو وزير چيو ته پاڪستان 30 لک افغان مهاجرن جي مهمان نوازي ڪري رهيو آهي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ افغان لاڳاپا اهم آهن پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات تاريخي طور تي ڪڏهن به بهتر ناهن رهيا هن چيو ته نائين لايون واقعي ۾ ڪوئي پاڪستاني ملڪث نه هو پاڪستان تي اڳ ايتري توجهه نه ڏني ويئي جيڪا هاڻي ڏني پئي وڃي دهشتگردي خلاف جنگ کي جنهن شئي سڀ کان گهڻو متاثر ڪيو اهو اتحاد جو فقدان هو پاڪستان جهڙي طرح هاڻي متحد آهي گذريل 13 سالن ۾ نه ٿيو هو چوڌري نثارعلي خان چيو ته 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ آرمڊ پبلڪ اسڪول جي شاگردن جي دهشتگردن جي حملي ۾ شهادتن سياسي جماعتن سول سوسائٽِ ميڊاي ۽ سيڪيورٽي فورسز سميت پوري پاڪستاني قوم کي متحرڪ ڪيو ۽ ملڪ فيصلو ڪيو ته مشڪل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کنيو وڃي هن چيو ته شدت پسندن سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائين ٿا جهڙوڪ اسڪول عبادتگاهه ۽ مارڪيٽ آهن هن چيو ته فرقيواراڻي تشدد جي خاتمي ۾ وقت لڳندو پاڪستان ۾ فرقيواريت گذريل 30 سالن کان آهي ۽ ان جي خاتمي ۾ وقت لڳندو هن چيو ته دولت اسلاميه بابت ڳالهائيندي چيو ته دولت اسلاميه سينٽرل اوڀر ۾ آهي هن چيو ته مان واضح ڪري سگهان ٿو ته دولت اسلاميه نه ته پاڪستان ۽ نه ئي افغانستان ۾ موجود آهي. چوڌري نثار ٻڌايو ته دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ انٽيليجنس ادارن ۾ تعاون وڌي چڪو آهي. ڪالعدم تنظيمن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي هي ڳالهه ڪندي شرم اچي رهيو آهي ته ڪالعدم تنظيمن جي حوالي سان ڪائي واضح پاليسي نه هئڻ سبب ڪيتريون ئي ڪالعدم تنظيمون نالو مٽائي پاڪستان ۾ فعال آهن. چوڌري نثار ڊينمار فرانس ۽ آسٽريليا ۾ دهشتگردي کان پوءِ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ۾ آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *