12 ڊسمبر تي ٿر جي دوري جو اعلان، اتي به دورو ڪندس جتي بک آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ثاقب نثار 12 ڊسمبر تي ٿر جو دورو ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ حڪومت کي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته مان 12 ڊسمبر تي ٿر وڃي رهيو آهيان سنڌ حڪومت انتظام ڪري چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿر ۾ تازه ڄاول ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن اتي پاڻي جي فراهمي ۽ دستيابي جا به مسئلا آهن صرف سٺا علائقا نه ڏيکاريو مون اهي علائقا به ڏيکاريوپ جتي غربت ۽ مسئلا آهن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت سيشن جج کان رپورٽ گهري هئي هن ٻڌايو ته متاثر ماڻهن ۾ اناج ورهايو ويو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 12 ڊسمبر تي ٿر وڃي مان پاڻ صورتحال ڏسندس پوءِ معاملي کي ٻڌڻ بهتر ٿيندو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواب ڏنو ته جيستائين اوهان ايندا حالتون بهتر ٿي وينديون ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن پڇاڻو ڪيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن کي ڇا اضافي مراعتون ڏيئي رهيا آهيو جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته گرينڊ ون کان 11 جي ملازمن کي 10 هزار اضافي، گريڊ 12 کان 16 تائين جي ملازمن کي 17 هزار اضافي گريڊ 17 جي ملازمن کي 90 هزار جڏهن ته گريڊ 18 کان مٿي هڪ لک 40 هزار اضافي ڏيئي رهيا آهيون ٻڌني دوران سنڌ اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار چيو ته وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم ٿر ۾ آڻڻ گهرجي هن چيو ته مٺي ۾ ڊليوري لاءِ ڊاڪٽر نه آهن جڏهن ته ٿر ۾ جانورن جي ڊاڪٽرن جي به ضرورت آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پنهنجي اکين سان اصل صورتحال ڏسي پوءِ معاملو ٻڌندس سپريم ڪورٽ عدالتي مددگار فيصل صديقي کي سنڌ حڪومت جي درخواست تي ڪمنٽس ڏيڻ لاءِ چيو جنهن تي فيصل صديقي چيو ته ٿر ۾ احتساب ۽ نگراني جي موثر نظام جي ضرورت آهي تنهنڪري هڪ عدالتي ڪميشن مقرر ڪيو وڃي فيصل صديقي چيو ته ٿر ۾ بئنڪ قرضن جو وڏو معاملو آهي ۽ قرض ادا نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهو آپگهات ڪري رهيا اهن جنهن تي اسٽِٽ بئنڪ جي نمائندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته هارين جا قرض ري شيڊول ڪري رهيا آهيون جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ڪراچي وڃي رهيا آهيون سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهينداسين جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي ويئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *