12 مئي ۽ بلديه سانحي بابت جي آءِ ٽي رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن: شرجيل ميمڻ

ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن ڪنهن سان ڪو ڳجهو معاهدو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن شرط تي ڪنهن سان ڳالهايو آهي. ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي جماعتن سان سينيٽ جي چونڊن سميت سمورن سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو هميشه جاري رهي ٿو. اسان صوبي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ بهتر ورڪنگ رليشن شپ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. جي آءِ ٽي هڪ شخص ناهي ٺاهيندو پر ان ۾ سمورن ادارن جا اعليٰ آفيسر شامل هوندا آهن، ان لاءِ ان کي غلط قرار ڏيڻ درست نه آهي. سي پي ايل سي جي سربراهه جي معاملي تي وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر سنڌ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي. هو سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪوبه ڳجهو معاهدو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي پيپلز پارٽي ڪنهن شرط تي ڪنهن سان ڪو معاهدو ڪري ٿي. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي هلڻ يا سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان پارٽي جو اڳواڻ رحمان ملڪ وڌيڪ بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، هو لنڊن ويو آهي ۽ اتي ايم ڪيو ايم جي سربراهه ۽ ٻين سان ملاقات کانپوءِ جيڪا به صورتحال سامهون ايندي اهو ئي بهتر ٻڌائي سگهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته صوبي ۾ امن امان قائم رهي ۽ بهتر ورڪنگ رليشن شپ قائم رهي ۽ ان لاءِ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو هميشه جاري رهي ٿو. ايم ڪيو ايم پاران جي آءِ ٽي رپورٽ تي تحفظات جي سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڪو هڪ شخص ناهي ٺاهيندو پر ان ۾ امن امان جي بحالي جي سمورن ادارن جا اعليٰ آفيسر شامل هوندا آهن ۽ ڳجهن ادارن جا آفيسر به ان ۾ موجود هوندا آهن ۽ ان رپورٽ کي غلط قرار ڏيڻ ڪا عقلمندي نه آهي. 12 مئي واري سانحي سميت ٻين سانحن جي حوالي سان ٿيندڙ گرفتاريون ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي معاملا عدالتن ۾ زير التوا ۾ آهن، ان تي هو ڪابه ڳالهه نه ڪندو البته 12 مئي سانحي کي گذري 6 سال ٿي ويا آهن پر ان ڪيس جي ٻڌڻي صرف 2 ڀيرا ٿي آهي. اپوزيشن ليڊر پاران ڊپٽي اسپيڪر لاءِ استعمال ٿيندڙ زبان تي هن چيو ته لفظن جي چونڊ سان ئي انسان جي شخصيت واضح ٿئي ٿي. سي پي ايل سي سربراهه جي اسڪينڊل تي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پي ايل سي اهم ادارو آهي ۽ ان حوالي سان گورنر ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي فيصلو ڪرڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *