110 ٽيڪس نه ڏيندڙن جا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) فيڊرل بورڊ آف روينيون 110 ٽيڪس نه ڏيندڙن جا نالا ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڊسمبر تائين 2 هزار ٽيڪس چورن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، ذريعن مطابق 2012-13-14 ۾ جن ماڻهن ٽيڪس نه ڏني، ايف بي آر انهن مان 110 وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙ جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ايف بي آر پنهنجا سمورا ريجنل ٽيڪس آفيسرن کي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، گهرو وزارت کي به خط لکيو ويندو، ذريعن مطابق ايف بي آر هلندڙ سال جي آخر تائين 25 هزار کان وڌيڪ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو آهي انهن کي نوٽيس به اماڻيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *