100 ڏينهن جي ڀڃڪڙي عليمه باجي جي پڪڙي وئي، شهباز شريف جي گرفتاري نيب ۽ نيازي ملي ڀڳت جو حصو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بدلي جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي،  شهباز شريف جي گرفتاري نيب جي ملي ڀڳت جو حصو آهي، هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته شهباز شريف ڇا ڪيو آهي.  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته 100 ڏينهن ۾ ڪا چوري پڪڙي وئي آهي ته اها عليمه باجي جي پڪڙي وئي آهي. هن چيو ته عليما باجي جي چوري ۽ مني لانڊرنگ جي پويان عمران خان آهي، کين پوئين دروازي کان اين آر او ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ليگي قيادت ٻن سالن کان پيشين مٿان پيشيون ڀوڳي رهي آهي،اسان صبح، منجهند ۽ شام عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف ڪينسر جو مريض آهي،  سندس چڪاس ضروري آهي، طبي معائني لاءِ ٻن هفتن بعد بورڊ جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي ڪم جا سموري دنيا ۾ مثال ڏنا ويندا آهن. مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته اڄ آبادگار ۽ عوام مشڪل ۾ آهن، آبادگارن جا فصل سڪي رهيا آهن، بوزدار صاحب ڪٿي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *