10 ڏينهن ۾ ڪورونا ڪيس چئوڻ تي وڌيا، احتياط نه ڪيو ته اسپتالون ڀرجي وينديون: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ٻي لهر جي پکڙجڻ کان پوءِ حڪومت سڄي ملڪ ۾ جلسن، جلوسن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو جڏهن ته شادي هالن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسجدن، فيڪٽرين ۽ دڪانن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو جڏهن ته اسڪولن کي بند ڪرڻ بابت حتمي فيصلو هڪ هفتي کان پوءِ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڏهن ڏينهن ۾ ڪورونا ڪيس چئوڻ تي وڌيا، احتياط نه ڪيو ته اسپتالون مريضن سان بهرجي وينديون. هن چيو ته احتياط نه ڪيو ته اسپتالون مريضن سان ڀرجي وڃڻ جو ڊپ آهي، خدانخوانسته حالتون ان کان به وڌيڪ خراب نه ٿي وڃن. سندس چوڻ هو ته وائرس اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيو آهي، جيڪڏهن هن وقت احتياط ڪيوسين ته ان کي روڪي سگھون ٿا. عمران خان چيو ته سڄي دنيا جو تجربو اهو آهي ته ماسڪ جي استعمال سان وبا جي پکڙجڻ جي شرح تمام گھٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري وبا کي پکڙجڻو ته آهي پر اسان کي ان جي رفتار کي گھٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو ئي وقت اچي ويو آهي جو سڀني کي ايندڙ ڏينهن ۾ احتياط ڪرڻو آهي ۽ سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي معيشت کي به بچائڻو آهي. هن چيو ته ڀارت لاڪ ڊائون سبب اڃا تائين معاشي بحران مان ناهي نڪتو، اسان کي فيڪٽريون، دڪان بلڪل بند ناهن ڪرڻا پر ڪاروبار ۾ ايس او پيز جي پابندي ڪرڻي آهي. عمران خان چيو ته ٽائيگر فورس پنهنجي موبائل فون سان اسان کي ٻڌائيندي ته ڪير ايس او پيز تي عمل ناهي ڪري رهيو. سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ اسان به پنهنجا جلسا ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٻيا سڀ به ائين ئي ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *