10 ڊپٽي ڪمشنر عهدن تان فارغ، غلام قادر ٿيٻو کي هٽايو ويو، مشتاق مهر اي آءِ جي مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار وڏا فيصلا ڪري ڇڏيا، وڏن آفيسرن تي ڇُري ڦيرائي ڇڏي، ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو کي هٽائي چيئرمين اينٽي ڪرپشن مقرر ڪيو ويو، مشتاق مهر کي ايڊيشنل آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي اهم فيصلن تحت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا، ايدمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب اسماعيل سومرو، سيڪريٽري ڪو آپريشن شاذر شمعون ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اعجاز شيخ کي به عهدن تان هٽايو ويو آهي. شڪارپور، سجاول، ميرپوخاص، ڄامشوري، سانگهڙ ۽ دادو جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت سنڌ جي 10 ڊي سيز کي به عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڪرپشن ۽ غيرقانوني ملڪيتون ٺاهڻ جي الزامن هيٺ آيل وڌيڪ آفيسرن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن ۾ پوليس جا سينيئر آفيسر به شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ۾ وڏي پيمانيتي مقررين، بدلين ۽ ڪرپشن الزامن هيٺ آيل آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو سنڌ ايپڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو، اجلاس کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير قائم علي شاهه سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز به ملاقات ڪئي هئي. آفيسرن خلاف ڪارروائي جي منظوري دبئي ۾ گذريل رات آصف زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني وئي، جڏهن ته اڄ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حتمي منظوري ڏيڻ بعد وڏن آفيسرن سميت ڊپٽي ڪمشنرن کي هٽايو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *