10 ورهين کان ڊپريشن سان وڙهي رهي آهيان، ٻه ڀيرا آپگهات جو ارادو ڪيو: نازش جهانگير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا نازش جهانگير انڪشاف ڪيو آهي ته هن والده جي لاڏاڻي کانپوءِ نااميد ٿي ٻه ڀيرا آپگهات جو ارادو ڪيو. اداڪارا ٻڌايو ته هو گذريل 10 ورهين کان ڊپريشن ۾ مبتلا آهي ۽ لاڳيتو ان سان وڙهي ره يآهي، هو اهڙي بيماري کي مات ڏيڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙي رهي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

تي اداڪارا پنهنجي بيماري بابت کليل اظهار ڪندي هڪڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي. هن ٻڌايو ته ماءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ سڀ ڪجهه بي معنيٰ ٿي ويو ۽ هو بلڪل نااميد ٿي وئي هئي. نازش جهانگير چيو ته هو پنهنجي اهڙي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ ۽ ڪنهن سان ان بابت ڳالهائڻ کان به لنوائيندي هئي. هن چيو ته هو گذريل 10 ورهين کان دماغي بيماري “پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر” جو شڪار آهي. اهڙي بيماري جو علاج نه ڪرڻ سان ان جا اثر خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. نازش جهانگير پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته هي بيماري نه رڳو اوهان جي گهروارن ۽ بين دوستن سان لاڳاپن کي متاثر ڪري ٿي پر هي اوهان کي جذباتي مسئلن ۽ صحت بابت مسئلن ۾ به مبتلا ڪري ٿي. نازش ٻڌايو ته هو هن بيماري سان وڙهڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت بيٺي آهي ۽ انهن ماڻهن کي ڌيان جو مرڪز بڻايو جن سان اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته ائين ڪرڻ سان کيس ماڻهن جي مايوسين جا سبب خبر پيا ۽ پوءِ پنهنجي بيماري مان نڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته بيماري مان نڪرڻ جو ڪو به فارمولا ناهي جو اوچتو اوهان کي خوف مان ڪڍي ٺيڪ ڪري ڇڏي. مان سڀني لاءِ دعا ڪريان ٿي ته هن بيماري جو شڪار ماڻهو ايترا مضبوط هجن جو پنهنجي بيماري بابت ڳالهائين ۽ ان کي منهن ڏين. هن لکيو ته هن بيماري جو شڪار ماڻهو ٻين سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ اهو ئي وقت آهي جڏهن اوهان کي دل جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ۽ مايوسي جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان پنهنجي زندگي ۾ هاڪار شيون ڳوليو ۽ ناڪاري شيون ڪڍي ڇڏيو، سڀني سان نرمي سان پيش اچو، ماڻهو زندگي کي جهڙي ريت گذارڻ چاهين ٿا انهن کي گذارڻ ڏيو ۽ هر هڪ بابت اندازا نه لڳايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *