10 لک ماڻهو بي اعتمادي واري رٿ کي روڪي نه سگهندا: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 10 لک ماڻهو بي اعتمادي واري رٿ کي روڪي نه سگهندا، جنهن ماءُ جي پٽ ۾ همت آهي ته اسيمبلي وڃڻ کان روڪي ڏيکاري، منهنجو اوپن چيلينج آهي ته وزيراعظم ۽ وزير روڪي ڏيکارين، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو مذاق هلي رهيو آهي، اسان جي ميمبرن کي نيب طرفان نوٽيس ملي چڪا آهن، مان چيئرمين نيب کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ مداخلت ڪرڻ توهان جو ڪم ناهي، نيب کي نوٽيس موڪلڻ مهانگو پوندو، شاهد خاقان عباسي چيو ته جڏهن ماڻهو وٽ ڪجهه نه بچندو آهي ته گارين تي لهي ايندو آهي، وزيراعظم ته اڳ ۾ ئي گاريون ڏيڻ تي اچي چڪو آهي، اڄ هي پارليامينٽ جي بجاءِ روڊن جو رخ ڪري رهيا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *