10 سيڪڙو يا وڌيڪ ڪيسز وارن علائقن ۾ هر قسم جي انڊور تقريبن تي مڪمل پابندي، پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اين سي او سي پوري ملڪ ۾ ڪورونا پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي. اين سي او سي جي ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا جي نئي لهر جي حوالي سان لاڳو ڪيل پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪئي وڃي . اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويو ته 10 سيڪڙو يا وڌيڪ ڪيسز وارن علائقن ۾ هر قسم جي انڊور تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي، 10 سيڪڙو ڪيسن وارن علائقن ۾ آئوٽ ڊور تقريب ۾  300 ويڪسين ٿيل ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي. اهڙي ريت 12 سالن کان وڌيڪ عمر وارن شاگردن جي مڪمل حاضري هوندي، جڏهن ته شاگردن جي لاءِ ويڪسينيشن لازمي هوندي ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر وارا شاگرد 3 ڏينهن 50 سيڪڙو ايندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *