10 سالن بعد ٻيهر خوفناڪ زلزلي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن کي لوڏي ڇڏيو، 216 ڄڻا فوت، 1100 کان وڌيڪ زخمي، ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)10 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آڪٽوبر مهيني ۾ آيل زلزلي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، خيبرپختونخواهه،مٿانهن علائقن ۽ پنجاب ۾ زلزلي دوران عمارتون ڊهڻ سبب 216 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 11 سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪلون رد ڪيون ويون، متاثر علائقن ۾ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي،ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 8 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي.. 10 سالن کانپوءِ آڪٽوبر مهيني ۾ آيل زوردار زلزل جا لوڏا سنڌ،پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، قبائلي علائقن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن بهمحسوس ڪيا ويا زلزلي سبب مختلف شهرن ۾ ماڻهو ڊپ وچان ڪلمو پڙهندا گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري کليل آسمان هيٺ پهتا زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ جاني توڙي مالي نقصان ڪي پي ڪي ۾ ٿيو آهي،جڏهن ته دير ۽ چترال وارا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن زلزلي جي نتيجي ۾ سوات ۾ گهر ڪرڻ توڙي ٻين واقعن ۾ 13، چارسدا ۾ 4، مالاڪنڊ ۽ ديامر ۾ 2. 2 ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ 22 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن صوابي ۾ گهر ڪرڻ سبب 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، لوئر دير ويجهو ثمر باغ ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب 3 ٻارن سميت 11 فوت ٿي ويا،جڏهن ته مردان ۾ به ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي لوئر دير ۾ به 34 ماڻهو فوت ٿي ويا،جڏهن ته سوات ۾ 13، باجوڙ ايجنسي ۾ 7 ۽ بونير ۾ به 5 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، چارسدهه ۾ 4، مالاڪنڊ ۽ ديامر ۾ 2،2 ماڻهو فوت ٿيا مردان ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي ڪي پي ڪي جي گاديءَ واري شهر پشاور جي مختلف علائقن ۾ گهر ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا،جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪالام ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي،نوشهره ۾ پڻ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪِري پيون، جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ايبٽ آباد جي جوگن واري علائقي ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب 2 نينگريون سخت زخمي ٿي پيون گلگت بلتسان جي چترال واري علائقي ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 16 ۽ شانگلا ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 18 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي پنجاب جي شهر راولپنڊي ۾ زلزلي سبب عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويا، ڪشميري بازار ۾ دڪان جي ڇِت ڪرڻ سبب 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايبٽ آباد جي مختلف علائقن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 56 ڄڻا زخمي ٿي پيا پنجاب جي قصور واري علائقي ۾ به ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو لاهور، راولپنڊي، ميانوالي، اوڪاڙا، گجرات،فيصل آباد، ملتان، رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، خانيوال ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلو عمارتن کي لوڏي ويو، جنهن بعد ماڻهن ڊپ وچان گهرن ۽ آفيسن مان نڪري کليل آسمان هيٺ پناهه ورتي وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ به زلزلي سبب عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا،جڏهن ته مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن کي پولي ڪلينڪ اسپتال آندو ويو ڪي پي ڪي جي حڪومت صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته سمورن متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن به جاري آهي، مٿانهن علائقن ۾ مٽي جو ڇپون ڪرڻ ۽ برفباري سبب ڏورانهن علائقن جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽيل آهي سنڌ جي لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ٺل، شهدادڪوٽ، پريالو ۽ اوٻاوڙي سميت ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا،جڏهن ته بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي،نصير آباد، جعفرآباد ۽ بولان سميت ٻين علائقن ۾ زلزلي سبب ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا زوردار زلزلي بعد متاثر علائقن ۾ موبائل فون سروس به ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي، جڏهن ته گليشيئرز پڻ ٽٽي پيا. زلزلي جا لوڏا افغانستان، ڀارت، دبئي ۽ فجيءَ جي ٻيٽ تي به محسوس ڪيا ويا موسميات کاتي جي ريڪٽر اسڪيل موجب زلزلي جو مرڪز هندوڪش جو جابلو سلسلو هو،جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 8 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي موسميات کات موجب زلزلي جي زمين هيٺان اونهائي هڪ سئو 93 ڪلوميٽر هئي ياد رهي ته پاڪستان ۾ 10 ورهيه اڳ 8 آڪٽوبر تي به تباهي آڻيندڙ زلزلي سبب هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *