10 هزار پوليس اهلڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ڀرتي ڪيا ويا آهن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صفوران سانحي سوڌو ڪراچي ۾ دهشت گردي جي ڪيترن ئي وڏن ڏوهن جو ڪاميابي سان پتو لڳائي هزارن جي تعداد ۾ دهشت گرد گرفتار ڪري صوبي ۾ سنگين ڏوهن کي هيٺين سطح تي آڻڻ پي پي حڪومت جي بهترين حڪمراني جو ثبوت آهي۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت کان مبارڪون ملڻ اعزاز آهي. تنقيد ڪندڙ حڪومت کان اڳ ڪراچي ۾ ڪورڪمانڊر تي حملي،آمريڪن قونصل خاني تي حملي ۽ ان وقت جي شيرٽن هوٽل وٽ سب ميرين جي انجنيئرن تي حملي ۽ ايستائين جو ان وقت جي ملڪي صدر تي ٻه ڀيرا ٿيل حملي جي واقعن کي به ڏسن. جن ۾ سوين ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون. احڙو اظهار هن خميس ڏينهن انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسرين جليل ۽ ٻين سينيٽرن پاران پڇيل سوالن جو حوالو ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ سنگين ڏوهن جي خاتمي لاءِ سيپٽمبر 2013 ۾ سڀني سياسي پارٽين جي رضامندي ۽ وزيراعظم پاڪستان جي منظوري سان ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويو هو جنهن تي لڳايل ڪاٿي موجب 28 ارب رپين جو خرچ اچڻو هو گڏيل فيصلي موجب 50 سيڪڙو خرچ وفاق ۽ 50 سيڪڙو صوبائي حڪومت کي ادا ڪرڻو هو. هن چيو ته گذريل سال ميرٽ تي 10 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا ۽ اهڙي ريت هلندڙ سال به 10 هزار پوليس اهلڪار ميرٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ به اي ايس آءِ يا سب انسپيڪٽر سفارش تي ڀرتي نه ڪيو ويو ، سڀني کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ڀرتي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن اهلڪارن کي پاڪ آرمي جي ٽرينرز وسيلي تربيت ڏياري رهيا آهيون ان سان گڏ کين جديد هٿيار ۽ ٻيو سامان به فراهم ڪري رهيا آهيون. وفد ۾ سينيٽر فرحت الله بابر ، سينيٽر جهانزيب جمال الدين، سينيٽر مير ڪبير ايم شاهي ،سينيٽر نثار محمد ،سينيٽر سحر ڪامران ۽ ثمينا عابد شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *