1 6 سالا شخص کان پوليس نه پر دهشتگردي روڪٿام ڪمانڊ جي آفيسرن پڇا ڳاڇا ڪئي: ميٽرو پوليٽن پوليس جي تصديق

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميٽرو پوليٽن پوليس  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 1 1  اپريل تي 1 6  سالا شخص جي پڇا ڳاڇا جي نئين پريس ريليز جاري ڪري ڇڏي. 1 6  سالا شخص کان دهشتگردي روڪٿام ڪمانڊ جي آفيسرن پڇا ڳاڇا ڪئي. تفصيل موجب 4 1  اپريل تي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ 1 6  سالا هڪ شخص کي گرفتار ڪري ان کان پڇا ڳاڇا  ڪرڻ بعد جولاءِ تائين ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ان سان گڏ هڪ 3 7  سالا ۽ هڪ 4 4  سالا شخص کي به جولاءِ تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، جنهن تي ميٽرو پوليٽن پوليس نئين پريس ريليز جاري ڪئي آهي جنهن مطابق 1 6  سالا شخص کان اسڪاٽ لينڊ يارڊ نه پر دهشتگردي روڪٿام ڪمانڊ جي آفيسرن پڇا ڳاڇا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *