لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميٽرو پوليٽن پوليس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 1 1 اپريل تي 1 6 سالا شخص جي پڇا ڳاڇا جي نئين پريس ريليز جاري ڪري ڇڏي. 1 6 سالا شخص کان دهشتگردي روڪٿام ڪمانڊ جي آفيسرن پڇا ڳاڇا ڪئي. تفصيل موجب 4 1 اپريل تي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ 1 6 سالا هڪ شخص کي گرفتار ڪري ان کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد جولاءِ تائين ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ان سان گڏ هڪ 3 7 سالا ۽ هڪ 4 4 سالا شخص کي به جولاءِ تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، جنهن تي ميٽرو پوليٽن پوليس نئين پريس ريليز جاري ڪئي آهي جنهن مطابق 1 6 سالا شخص کان اسڪاٽ لينڊ يارڊ نه پر دهشتگردي روڪٿام ڪمانڊ جي آفيسرن پڇا ڳاڇا ڪئي.