ھاڻ رت جي هولي کيڏڻ نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم تي جنگي ڏوھن جا ڪيس ھلڻ گھرجن: سنڌ حڪومت

ڪراچي  (م.ڊ/اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته لوڪل گورنمنٽ جو قانون ايترو آسان ناهي جو هر انسان ان کي سمجھي سگھي. بدقسمتي سان ان کي بنياد بڻائي انتشار پيدا ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ماڻهن جي همدرد ناهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ڪري پنهنجو دڪان چمڪائڻ چاهي ٿي، پر مون کي خوشي آهي ته ڪراچي جو عوام انهن جي ڳالهين ۾ نٿو اچي. اسين انهن دهشتگردن کي ٻيهر ڪراچي ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏينداسين. اها ڳالھ اهي ذهن ۾ رکن. 2008 ۾ اسين واپاري برادري ۽ هن شهر جي عوام کي انهن دهشتگردن کان بچائڻ جي لاءِ ڪڙو ڍڪ ڀريو ۽ انهن کي نه چاهيندي به حڪومت جو حصو بڻايو. سنڌ صوبي ۾ مهانگائي آهي ته وفاقي حڪومت جي نالائقي جي ڪري آهي. سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ بهتري آندي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ 47 هزار استاد 100 سيڪڙو ميرٽ تي ڀرتي ڪيا آهن پورهئي کاتي جي تحت مزدورن جي 10 هزار ٻارن کي اسين تعليم ڏيندا آهيون. سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سٺا قدم کنيا آهن ۽ اسان کي خوشي آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي رينڪنگ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪري ملڪ جو نالو روشن ٿيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن اقراءَ يونيورسٽي ۾ منعقد اسڪالرشپ ايوارڊ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خاص خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. سعيد غني تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته خانگي يونيورسٽيون اڄ جيڪي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. اهو حڪومت جو ڪم آهي بدقسمتي سان اسان جا حڪومتي وسيلا ايترا بهتر ناهين. هن چيو ته بدقسمتي سا  اهو تاثر آهي ته تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون ڪمائي لاءِ بڻايا ويندا آهن. هن چيو ته پورهئي کاتي جو قلمدان مون وٽ آهي هن چيو ته اسان بينظير مزدور ڪارڊ جو ڪم شروع ڪيو آهي ۽ ان ۾ سهولتون جو دائرو وڌائينداسين. سعيد غني چيو ته هر مزدور سوشل سڪيورٽي ڪارڊ حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻارن کي محفوظ بڻائي سگھي ٿو منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو ڪم صحت ۽ تعليم جي فراهمي آهي. اسان هر مزدور جي خاندان جي ٻارن جي تعليم ۽ صحت کي يقيني بڻائينداسين. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي سعيد غني چيو ته 18 ترميم کان پهرين تعليم وفاق جو معاملو هو 18 ترميم کان پوءِ به پوري ملڪ ۾ 90 سيڪڙو هڪجھرو تعليمي نظام شهي هن چيو ته سنڌ صوبي جو دعوه آهي ته اسان سڀ کان سٺو سسٽم ڪيو آهي اسان جا ڪتاب سڀني ڏنا وڃن هن چيو ته پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪنهن  مضمونن ۾ بهتري آئي آهي ته اسان ان کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آ هيون پر جيڪڏهن سنڌ صوبي ۾ جيڪڏهن ڪنهن مضمون ۾ بهتري آهي ته باقي صوبا به ان کي اختيار ڪن هن چيو ته اسين پوري ملڪ ۾ انگريزي نظام تعليم کي ختم ڪنداسين اها چوائيس ته والدين جي آهي ته اهي سنڌي، اردو يا انگلش ميڊيم ۾ پڙهائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پنجاب ۾ مجبوري جي حالت ۾ اسلام آباد جهڙو تعليمي نظام قبول ڪيو جو اتي تحريڪ انصاف جي پنهنجي حڪومت هئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لوڪل گورنمنٽ جو قانون ايترو آسان ناهي جو هر انسان ان کي سمجھي سگھي. بدقسمتي سان ان کي بنياد بڻائي انتشار پيدا ڪيو پيو وڃي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پيٽرول، کنڊ، اٽي ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ سنڌ حڪومت جي هٿن ۾ آهي ته پوءِ مهانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ مهانگائي آهي ته وفاقي حڪومت جي نالائقي جيڪري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گئس جو وقت جيڪو انهن چيو هو ته هو ڏيندا هاڻ ان حساب سان به گئس نٿو ملي. ڪراچي وارن کي گئس نٿو ملي. ايم ڪيو ايم ڪراچي وارن جي اشوز تي نٿي ڳالهائي. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي ۾ روم ۾ صوبائي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي عوام جي همدرد ناهي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ڪري پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ چاهي ٿي پر مون کي خوشي آهي ته ڪراچي جا ماڻهون انهن جي ڳالهين ۾ نٿا اچن. اسين انهن دهشتگردن کي ٻيهر ڪراچي ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏينداسين اها ڳالھ اهي ذهن ۾ رکن. هن چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جو آواز گئس جي نه هجڻ تي ڇو نٿي نڪري. ڪراچي جي صنعتن جو گئس بند ڪيو ويو آهي ان تي به انهن جوآواز بند آهي. مهانگائي ايتري ٿي وئي آهي انهن جي وات مان ڇو آواز نٿو نڪري. 4 ڀيرا پيپلز پارٽي جي قتدار جي دور ۾ پيٽروليم جي اگھن ۾ واڌاري تي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايم ڪيو ايم اڄ ڇو پيٽروليم اگھن ۾ تاريخي واڌري تي خاموش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ٻئي جماعت اهو چئي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ ڪجھ نٿي ڪري ته اهو ان جو حق آهي پر ايم ڪيو ايم کي اهو حق ناهي. سعيد غني چيو ته جنهن جماعت هن شهر کي تباھ ڪيو جنهن جماعت جي ڪري هن شهر مان بلڊر ويو، جنهن جماعت جيڪري هن شهر جي تعليم وئي، جنهن جماعت جيڪري هن شهر ۾ دهشتگردي وڌي اهي اسان کي چون ٿا ته اسان شهر کي خراب ڪيو؟ هن چيو ته اسان انهن دهشتگردن ٻيهر ڪراچي ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏينداسين اهي اها ڳالھ ذهن ۾ رکن. اسان ان وقت به انهن کي منهن ڏنو آهي جڏهن هو گوليون هڻي لاش ٻورين ۾ بند ڪندا هئا هاڻ ته اهي بڪل مئل آهن اهي ڪهڙيون ڌمڪيون ڏين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته منهنو ڳلو خشڪ ناهي ٿيو پر اسان ٻين ماڻهن جا دماغ ضرور خشڪ ڪيا آهن. هن چيو ته لوڪل گورنمنٽ جي نظام تي تنقيد ڪرڻ، ان تي حڪومت تي الزام لڳائڻ، پنهنجون تجويزون ڏيڻ، مطالبا ڪرڻ ۽ مظاهرا ڪرڻ جلسا ڪرڻ اهو سڀني جو حق آهي. پر سٺي قانون کي ان ۾ بهتري اچڻ جي باوجود منفي انداز ۾ پيش ڪري صوبي ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ، لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪرڻ، ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر الطاف حسين جي وقت جو ڪراچي بڻائن جي ڪوشش ڪرڻ، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ائين نه ٿئي ۽ اها سان جي ذميواري آهي ۽ ٻين سياسي جماعتن کي اسان ان جي آگاهي به ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته 2013 جي قانون جي مقابلي ۾ هن قانون ۾ اسان جيڪي ترميمون ڪيون آهن ان سان قانون بهتر ٿيو آهي ۽ ڪجھ شيون جيڪي 2001 جي قانون ۾ به نه هنيون اسان هن ڀيري ميئر کي ڏنيون آهن. سعيد غني چيو ته 2001 جي واٽر بورڊ جي قانون ۾ لکيل نه هو ته واٽر بروڊ جو چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين ميئر هوندو واٽر بروڊ جو قانون اهو چوندو هو ته صوبائي حڪومت جنهن کي چاهي ان کي چيئرمين بڻائيندي. هن ڀيري اسان واٽر بورڊ جي قانون ۾ لکي ڇڏيو آهي ته شريڪ چيئرمين ميئر هوندو. هن چيو ته ڪچرو کڻڻ 1979 جو قانون هجي، 2001 جو هجي يا 2013 جو قانون هجي ان ۾ اهو ڪم ميئر يا سٽي ناظم جو نه هيو پر ميئر صاحب روزانو اٿي اهو چوندو هو ته مون وٽ ته ڪچرو کڻڻ جو اختيار به ناهي هن چيو ته پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ان قانون ۾ سولڊ ويسٽ جو چيئرمين ميئر کي بڻايو آهي. هن چيو ته پراپرٽي ٽيڪس جي ڪليڪشن ڪڏهن به لوڪل ڪونسلز کي نه ڏني وئي هئي پر هن ڀيري جي قانون ۾ اسان اهو اختيار لوڪل ڪونسلز کي ڏنو آهي ته ڪليڪشن به اهي پاڻ ڪن. هن چيو ته ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي تعليم، صحت پوليس سميت 10 کان وڌيڪ کاتن ۾ اسان بلدياتي چونڊيل نمائندن کي رول ڏنو آهي. هن چيو ته 2013 جي قانون ۾ 50 صفن تي فقط انهن لوڪل ڪونسل جي چونڊيل نمائندن جا فنڪشنز لکيل آهن جڏهن ته 5 صفحا فقط مختلف ٽيڪس جي وصولي جا آهن پر اهي جيڪڏهن ائين نٿا ڪن ته انهن کان سوال ڪيو ويندو ته انهن ڇا ڪيو؟ سعيد غني چيو ته حقيقت اها آهي ته اهي پريشان آهن ته ڪهڙي ريت اهي ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بيلٽ بوڪس کي ڀرين. ڪراچي جون حالتون اهڙيون ڪهڙي ريت ڪن جو ڪراچي جو ماڻهو ووٽ وجھڻ وڃي ته ان کي چيو وڃي ته اوهان جو ووٽ ٿي ويو آهي. اهڙيون حالتون هن شهر ۾ ڪيئن ٿين جو مئل ماڻهون به قبر مان نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪري هن چيو ته ڪراچي ۾ هاڻ اهڙيون حالتون ناهين. هن چيو ته اهي ٻيهر ڪراچي شهر کي گن پوائينٽ تي هائي جيڪ ڪرڻ چاهين ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 1988 جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي ايمانداراڻو ووٽ مليو ۽ 1990 ۾ به انهن کي صحيح ووٽ مليو سمورو گند ان کان پوءِ شروع ٿيو هن چيو ته هڪ صاحب ڪالھ چئي رهيو هيو ته بي بي 90 وئي هئي ته ها هوءَ بلڪل وئي هئي ڇو ته اسان سمجھندا هئاسين ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوامي مينڊيٽ رکندڙ جماعت هئي هن چيو ته اڄ به اسين سجھون ٿا ته ڪجھ ووٽ انهن جا آهن ضرور هن شهر ۾ پر ووٽ جي بنياد تي پوري صوبي کي باھ ۽ رت جي هولي ۾ ڌڪڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته 2008 ۾ اسان واپاري برادري ۽ هن شهر جي عوام کي انهن دهشتگردن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوڙو ڌڪ ڀريو ۽ نه چاهيندي به حڪومت جو حصو بڻايو هو. سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري ان اميد سان ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي وڃن ۽ واپاري برادري کي مشڪليون نه ٿين ان ڪري اسان ڪمپرومائيز ڪري انهن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو هو ۽ ان جا شاهد ان وقت جا اخبار آهن. سعيد غني چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم کي پريشاني ان ڳالھ جي آهي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ انهن جي جيڪا ذلت اين اي 249 ۾ ٿي آهي ڪنٽونمنٽ جي چونڊن ۾ ٿي آهي ان کان بري ذلت انهن جي ٿيوڻي آهي ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ اهي ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ۽ لساني فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. اهي شهر کي برباد ڪرڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.   ٻئي طرف سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان خلاف ته جنگي ڏوهن وارا ڪيس هلڻ گهرجن ها. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ۾ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پ پ سدائين انساني حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ احترام ڪيو، پڪي قلعي سان پ پ جو ڪهڙو واسطو هو، اها پ پ حڪومت خلاف سازش هئي ۽ ايم ڪيو ايم ان جو حصو هئي. هن چيو عامر خان ٻڌائي ته مخالفن جي جسمن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪنهن ڪيا هئا؟ ٻڌايو وڃي ته ٻورين ۾ بند لاش ڪير ڏيندو هو؟ سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن کي جيئرو ڪنهن ساڙيو هو؟ سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي جي اسپتال سنڌ حڪومت کي ملڻ سان ايم ڪيو ايم جا گوسڙو ملازم فارغ ٿي ويندا، متحده وارن کي ان جو تمام گهڻو ڊپ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *