ڳجهي ڊيل تي يقين نٿو رکان، الله ان لاءِ هميشه سرخرو ڪيو: نوازشريف 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 2007 ۾ پرويز مشرف اندر هينڊ ڊيل ڪرڻ چاهي، مون انڪار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف مون سان انڊر هينڊ ڊيل ڪرڻ لاءِ سڌيءَ ريت پيغام موڪليو ته اهو معاملا طئي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر مون انڊر هينڊ ڊيل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳجهي ڊيل تي يقين نٿو رکان، الله ان لاءِ هميشه سرخرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان خراب حالتن ۾ پاڪستان مان ويا هئاسين، زبردستي موڪليو ويو، واپس به اچڻ چاهيندا هئاسين پر اچڻ نه ڏنو ويو، اڄ مشرف چاهڻ باوجود پاڪستان نٿو اچي سگهي، اهو ئي عملن جو نتيجن آهي، نواز شريف پارلياماني اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته پنهنجي پارلياماني ذميداري ادا ڪرڻ لاءِ اڄ پارليامينٽ ۾ حاضري کي يقيني بڻائين، موجوده دور ڏکيو هيو، پر چئلينجز کي قبول ڪيو، 1999 وارو دور ناهي ۽ گذريل 4 سالن ۾ ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي، ن ليگ جي پارلياماني اجلاس ۾ چئني صوبن جا دورا ڪرڻ جو اعلان ڪندي پارليامينٽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور طريقي تياري ڪئي وڃي، نواز شريف جو چوڻ هو ته تبديلي جو نعرو لڳائڻ وارن جا نعرا هوا ٿي ويا، ملڪ ۾ اصل تبديلي اسان آندي، جنهن کي پاڪستاني عوام اڄ پاڻ محسوس ڪري ٿو، پارليامينٽ ميمبر مخالفن جي الزامن کي سنجيده نه وٺن ۽ ڀرپور طريقي سان عوامي مسئلن تي ڌيان ڏين، اسان هر امتحان ۾ سرخرو ٿينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *