ڳالھيون ڪامياب: پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير نامزد، بزدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ۽ ايم ڪيو ايم کي گورنر سنڌ سان گڏ پورٽ اينڊ شپنگ جي وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب حڪومت ۽ اتحادين وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ حڪومت پنهنجي اتحادين کي وڏي آفر ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران اتحادين جا خدشا ٻڌا ويا آهن ۽ حتمي فيصلن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پرويز الاهي ۽ وزيراعظم جي ملاقات حتمي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ٿي هئي، وزيراعظم چوڌري پرويز الاهي کي بني گالا گھرايو ۽ پنجاب جي وڏ وزارت پرويز الاهي کي ڏيڻ ۽ عثمان بوزدار کي هٽائڻ ۾ رضامندي جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت فيصلو ڪري ورتو آهي ته چوڌري پرويز الاهي پنجاب جو ايندڙ وڏو وزير هوندو ۽ ٻي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم کي گورنر سنڌ ۽ پورٽ اينڊ شپنگ جي وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بي اي پي کي وفاقي ڪابينا ۾ حصو ڏنو ويندو. ذريعن موجب حڪومت جي وڏي آڇ کانپوءِ حڪومتي اتحادي اپوزيشن سان گڏ نه ويندا. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عثمان بزدار پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي. مونس الاهي جو چوڻ هو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي جا معاملا طئي ٿي ويا، وزيراعظم کيس پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جي اڇ ڪئي جيڪا هن قبولي ورتي. ذريعن موجب وزير اعظم، چوڌري پرويز الاهي کي جهانگير ترين گروپ سان معاملا طئي ڪرڻ جو ٽاسڪ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *