ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري

گهوٽڪي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ ۽ اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن شيءِ کان ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي جنهن قوم ۾ ٻڌي هجي ۽ ان پنهنجا حق سمجهي ورتا هجن ته ان قوم کي ڪير به جهڪائي نٿو سگهي، جيڪڏهن اسان 18 هين ترميم ۾ قدرتي وسيلن ۾ صوبن کي حق ڏنو آهي ته گهوٽڪي جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جمعي تي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اردو ۾ ان ڪري تقرير ڪريان ٿو جو اسلام آباد ۾ ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ماڻهو رهن ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان 18 هين ترميم ۾ قدرتي وسيلن ۾ صوبن کي حق ڏنو آهي ته گھوٽڪي جو ڪهڙو ڏوهه، ان جو حق ان کي نٿو ملي، اها ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن اها ڳالهه نڪري ته گهڻو پري تائين ويندي، هن چيو ته منهنجون گيس فيلڊز يا ڪوئلي جون کاڻيون نه آهن، اسان انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ غريب جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي ڇو ته پ پ جي فلاسافي آهي ته پهريون حق غريب ۽ مقامي ماڻهو جو آهي، هن چيو ته توهان جي چوڻ سان پاڪستان مضبوط نٿو ٿئي، ملڪ تڏهن مضبوط ٿئي ٿو جڏهن عوام خوش هجي، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو، اسان جيڪي ڪم ڪيا اها ايندڙ تاريخ لکندي، پ پ جي صدر چيو ته توهان کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي ته ايتري ڌانڌلي سنڌ ۾ نه ڪرائي سگهياسين جيتري ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائي ته ڪوشش ڪري ڏسو ته اسان ان جو به مقابلو ڪنداسين، اسان اليڪشن کٽي به اپوزيشن ۾ ويهي ڏٺو آهي، اسان ماڻهن جي خدمت ڪرڻ اچون ٿا، پنهنجي خدمت ڪرڻ نٿا اچون، جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي الزام مڙهيو ته سنڌ جا وسيلا کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اهڙن حرڪتن کان گهٻرائڻ وارا نه آهيون، اسان جي قيادت کي ته اليڪشن ئي نه وڙهڻ ڏني وئي، اسان سمجهندا هئاسين ته نواز شريف کي سنڌ پسند نه هئي، عمران خان به ان کان وڌيڪ سنڌ پسند نه پئي اچي، جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته سنڌ تي قبضو ڪنداسين اهي سنڌ مان ڀڃي ويا، مراد علي شاهه چيو ته پ  پ قيادت متحد ۽ مضبوط آهي، سنڌ حڪومت پنهنجو حق وفاقي حڪومت کان وٺي ڏيکاريندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڪوئلي مان توانائي پيدا ڪرڻ جو پلانٽ بڻايو ته اتان جي ماڻهن کي ان جو مالڪ بڻايو، ڪول مائينگ سائيٽ لاءِ جيڪي ڳوٺ لڏايا ويا انهن کي پهريا 11 سئو اسڪوائر فوٽ تي گهر ٺاهي ڏنا ويا، عوام کي روزگار ڏنو، سنڌ حڪومت ايس ايس جي سي کي ڳوٺن ۽ ٻهراڙي ۾ گيس جي فراهمي لاءِ قرض ڏئي ٿي، ايس ايس جي سي جو چوڻ آهي ته قرض واپس نٿو ڪري سگهجي، گرانٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان ماڻهن لاءِ ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر سنڌ جي معدنيات تي آئيني طور تي سنڌ جو حق آهي اهو ضرور وٺنداسين، هن چيو ته هي ماڻهو سنڌ ۾ پ پ کي هارائڻ چاهين پيا پر سنڌ جي عوام ائين ٿيڻ نه ڏنو، هن ٻڌايو ته سنڌ جي عوام کي ڀرپور نموني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه اها اميد ڏيکاري ته اڳ کان وڌيڪ عوام جي خدمت ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *