گھٻرايو نھ 3-4 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿيندي: شوڪت ترين

پشاور (م،.ڊ) ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته مهانگائي رڳو رپئي جو قدر گهٽجڻ سبب ناهي ٿي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ عمران خان سعودي عرب، چين، دبئي ۽ قطر ويو، عمران خان چيو هو ڪڏهن به ڪنهن کان نه گهرندس پر گهريائين، ڇو ته قرض ڏيڻ لاءِ 28 ارب ڊالر آڻڻا هئا، قرض ڏيڻ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته مهانگائي رڳو رپئي جو قدر گهٽجڻ سبب ناهي ٿي، جڏهن ته 3 کان 4 مهينن ۾ پيٽرول جو اگهه گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ منهنجو ووٽ رجسٽرڊ ئي نه هو، منهنجو ووٽ اڳ ۾ لاهور ۾ رجسٽرڊ هو ۽ هاڻ مردان ۾ رجسٽرڊ آهي، منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ مردان جو آهي، اتان سينيٽر چونڊيو ويس ته اڳ جيان ڪي پي لاءِ ڪم ڪندس، ڪي پي مان سينيٽ چونڊ ان ڪري وڙهي رهيو آهيان، ڇو ته منهنجا ساهرا اتان جا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *