گھوسٽ ملازمن کي برداشت نه ڪيو ويندو : شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر):سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سومر ڏينهن ڪراچي جي علائقي ميري دير ٽاور وٽ پاڻ ٻهارو ڏئي صوبي ۾ صفائي ۽ قبضن جي خاتمي واري مهم جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي، ٺٽي ۽ ڪشمور کان ٿرپارڪر تائين ان مهم جو اڄ کان آغاز ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سڀئي سياسي جماعتون، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عوام به ان مهم ۾ اسان جو ساٿ ڏين ۽ پنهنجي گھرن جيان پنهنجي پاڙن ۽ گھٽين ۾ به صفائي جو خيال رکن. تفصيل موجب اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سموري صوبي ۾ صفائي ۽ قبضن جي خاتمي واري مهم جو سومر ڏينهن باقاعدا آعاز ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سيڪريٽري بلديات، سجاد عباسي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي روئوف اختر فاروقي، ايڊمنسٽريٽر سائوٿ افضال زيدي ۽ ميونسپل ڪمشنر سائوٿ محمد رئيسي سان گڏ ميري ويدر ٽاور وٽ تي روڊ کي ٻهارو ڏئي ان مهم جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي موجود عوام جي وڏي انگ ان مهم جي آجيان ڪئي ۽ صوبائي وزير جي ڪوششڻ کي ساراهيو. بعد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مهم جي آغاز جو مقصد پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود گند ڪچري ۽ قبضن جو خاتمون ڪرڻ آهي. هن چيو ته اها مهم هڪ مهينو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي ۽ ان مهم ۾ شرڪت لاءِ مختلف سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، شوبز، رانديگرن، سيلبريٽيز، ميڊيا ۽ عوام کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ صوبي جي سمورن ايڊمنسٽريٽرز، مسونسپل ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنرن ۽ انهن جي ماتحت آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خصوصي هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا رعايت ڏني ويندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت به ان مهم جي حوالي سان سمورا اُپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ انشاءَالله اسان هڪ مهيني اندر شهرن ۽ ڳوٺن مان قبضي ۽ گند ڪچري جو مڪمل خاتمون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪافي علائقن ۾ ايڊمنسٽريٽرن ميونسپل ڪمشنرن ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنرن پاران گھوسٽ ملازمن جون شڪايتون ملي رهيون آهن. ان ڪري هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به کاتي ۾ گھوسٽ ملازمن کي برداشت نه ڪيو ويندو هن چيو ته اسان کي ڪنهن کي به نوڪري مان ڪڍڻ جو حق ناهي ، پر جيڪڏهن ڪو ڪم نه ڪندو ته ته ان کي پگھار ڪنهن به صورت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني کاتن ۾ سنڌ حڪومت پاران فنڊ باقاعده فراهم ڪيا پيا وڃن۽ ڪيترن ئي کاتن جي آفيسرن پاران ان ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ايڪشن ورتو آهي ۽ سڀني ٽي ايم اوز کان 6 مهينن جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪو به آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث هوندو ان کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو. عيدالعضحيٰ جي موقعي تي صفائي جي خاص انتظامن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ان مهم سان گڏوگڏ عيد العضحيٰ جي موقعي تي گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ صوبي ۾ ڊينگي ۽ ڪانگو وائرس کان بچائڻ لاءِ اسپري مهم جو حڪم پهرين ئي ڏنو ويو آهي ۽ خاص ڪري ڪانگو وائرس جيڪو جانورن ذريعي پکڙجندو آهي ان تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ ان حوالي سان ڀرپور اسپري مهم هلائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. صوبائي وزير ان موقعي تي رستي تان گذرندڙ هڪ گرين بس کي روڪي ان ۾ سوار ٿي بس ۾ موجود عورتن ۽ مرد مسافرن سان ان بس جي سروس جي حوالي سان شڪايتون معلوم ڪيون . هن چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي سفر جي سٺي ، سستي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۽ گرين بس جون وڌيڪ فريڊ جلد ئي باقي روٽن تي به هلايون وينديون. ان موقعي تي گرين بس ۾ موجود عورتن ۽ مرد مسافرن گرين بس سروس جي آغاز تي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي ۽ پارٽي قيادت جا دل جي گھراين سان ٿورا مڃيان ۽ ٻڌايو ته ان سروس سان جتي کين سفر جي بهتر سهولت مهيا ٿي آهي اتي کين ماهوار بجيٽ ۾ بچت ٿي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *