گھر ۾ ڪتو بھ شينھن ھوندو آھي، ڪو مائي جو لال عمران خان خلاف ووٽ ڏئي واپس وڃي ڏيکاري: فواد چوڏري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته ڏسون ٿا ڪنهن ۾ همت آهي جو عمران خان خلاف ووٽ ڏئي، اپوزيشن هاڻي کان ئي ڊڄڻ لڳي آهي، اميد ته بي اعتمادي جي نوبت نه ايندي. اوور سيز پاڪستانين جي ڪنوينشن کي خطاب ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سموري قوم جو وزيراعظم عمران خان تي يقين آهي، زرداري ۽ نواز شريف عمران خان جي مقابلي ۾ ليڊر ناهن، جيڪو ضياءُ الحق نه ڪري سگھيو اهو زرداري ڪري ڇڏيو ۽ 7 ورهين ۾ پيپلز پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيائين. هن چيو ته مريم بي بي چوي پئي ته عمران خان عوام ۾ اچي ڏيکاري؟ اسان ان ڏينهن چيو هو ڊي چڪو تي ڏهه لک ماڻهو گڏ ٿيندا، نواز شريف ۽ زرداري کي چوان ٿو پنهنجي گھر ۾ ڪتو به شينهن هوندو آهي، همت اٿوَ ته عمران خان وانگي جلسا ڪري ڏيکاريو. ٻئي پاسي چوڌري شجاعت حسين پاران حڪومت ۽ اپوزيشن کي جلسا نه ڪرڻ ۽ ٽڪراءَ کان بچڻ جي اپيل تي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ انتهاپسندي جي سياست ناهي ڪندي نه ئي ٽڪراءَ تي يقين رکي ٿي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي ڀليڪار ڪيون ٿا ۽ هر جي سهولت ڏينداسين، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسو ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *