گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس، آدمشماري ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدمشماري جو عمل هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته نئين تاريخ لاءِ پاڪستان شماريات بيورو کي صوبائي حڪومتن ۽ فوج سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس جمعي تي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو اجلاس ۾ آدمشماري 2016 جو معاملو تف صيلي غور هيٺ آندو ويو اجلاس کي ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلي مطابق صوبائي حڪومتن ۽ فوج سان ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا ويا ڇو ته مستقبل جي رٿابندي لاءِ آدمشماري آپريشن جي شفافيت نهايت اهميت واري اهي ۽ هن مقصد لاءِ اٽڪل 3 لک فوجين جي ضرورت آهي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فوج جي شوال آپريشن ۽ ضرب عضب ۾ مصروفيتن سبب گهربل انگ ۾ فوجي مهيا هئڻ ناممڪن آهي مرحلي وار آدمشماري جي آپش کي اجلاس دوران غور هيٺ آندو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ شماريات بيورو پاران آگاهه ڪيو ويو ته مرحليوار آدمشماري ۾ مختلف خاميون آهن ۽ هي بين الاقوامي سطح تي به وڌيڪ مناسب طريقو نٿو سمجهيو وڃي اجلاس دوران گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماري جو عمل ملتوي ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان نئين تاريخ صوبائي حڪومتن ۽ فوج جي مشاورت سان ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *