گڏيل مخالف ڌر جي اي پي سي، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو، سينيٽ چيئرمين هٽائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) گڏيل اپوزيشن سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي جاءِ تي آئيني ۽ قانوني طريقي جي ذريعي نئون چيئرمين آڻڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته 25 جولاءِ 2019 تي ڌانڌلي ٿيل چونڊن خلاف گڏيل طور تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو بجيٽ جي خلاف سموريون اپوزيشن جون پارٽيون، پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج جاري رکنديون عوام جي جعلي مينڊيٽ، ڌانڌلي ٿيل نااهل حڪومت جي پيدا ڪيل عذاب ڏيندڙ مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائيون کان ڇوٽڪاري ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي پهرين مرحلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون عوامي رابطا مهم شروع ڪنديون، وزيرستان واقعي بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي ۽ وزيرستان اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. اعليٰ عدليه جي ججن خلاف حڪومتي ريفرنس عدليه مٿان حملو آهي حڪومت فوري طور تي ريفرنس واپس وٺي. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قانون جوڙيو وڃي، سيڪيورٽي ادارن جي تحويل ۾ موجود ماڻهن کي عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي. پارلياماني نظام حڪومت ۽ 18 هين ترميم جي خلاف اعلان ۽ پردي پويان ڪوششن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. هڪ طرفي انتقامي احتساب کي رد ڪيون ٿا. 2018 ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي جي جاچ بابت بڻايل پارلياماني ڪميٽي کان اپوزيشن جي سمورا ميمبر فوري طور تي استعيفيٰ ڏين. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري سميت سمورن قيدين جي زندگي جي بنيادي دستوري ۽ قانوني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ايندڙ ڏينهن جماعتِ رهبر ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا ايندڙ حڪمت عملي جي نقطن تي عمل کي يقيني بڻائيندي. مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس اربع تي اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني، سينيٽر رضا رباني، فرحت الله بابر، سينيٽر شيري رحمان، پيپلز پارٽي ڪي پي ڪي جي صدر همايون خان، پ پ پنجاب جي صدر قمرالزمان ڪائره پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال، مرتضيٰ جاويد عباسي، عبدالقادر بلوچ، اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق، راجا ظفرالحق، رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، اويس نوراني، شفيق ترين، اسفند يار ولي، امير حيدر خان هوتي سميت جي يو آءِ جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن ته جماعت اسلامي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان ٻه ڏينهن اڳ ئي معذرت ڪئي هئي. بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل کي حڪومت مڃائي ورتو. ان کانپوءِ اختر مينگل به ان ۾ شرڪت نه ڪئي. ان کانپوءِ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آل ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ پاڪستان جي اپوزيشن سان لاڳاپيل پارلياماني سياسي پارٽين جي هڪ ڪل جماعت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت جي يو آءِ ف جي صدر مولانا فضل الرحمان ڪئي. اجلاس ۾ سمورين پارٽين جا اڳواڻ ۽ سينئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس تقريبن 7 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. اجلاس بجيٽ 2019 کي عوام دشمن، واپاري دشمن، صنعت دشمن، صحت ۽ تعليم دشمن قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اپوزيشن سان تعلق رکندڙ سموريون سياسي جماعتون ان جي خلاف پارليامان جي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج ڪنديون. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڌانڌلي ٿيل حڪومت جي ڌانڌلي سان بجيٽ پاس ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته وزيرستان سان تعلق رکندڙ ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪري سگهن. اجلاس ۾ عدليه ۾ سڌارن، ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي به نظرثاني ۽ پاڻمرادو ورتل نوٽيس جي اختيارن بابت قانونسازي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. اجلاس دوران مطالبو ڪيو ويو ته گم ٿيل مانهن جي بازيابي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي جيڪي ماڻهو سيڪيورٽي ادارن جي تحويل ۾ آهن ڪنهن به عدالت آڏو پيش نه ڪيا ويا انهن کي عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي. تشدد ۽ ٽارچر جي استعمال خلاف قانونسازي ڪئي وڃي. اجلاس مطالبو ڪيو ته اڳوڻي قبائلي علائقن ۽ ڪي پي ڪي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٽائيم حراست وارن مرڪزن کي عام جيلن ۾ تبديل ڪري انهن ۾ قيد ٿيل ماڻهن خلاف کليل عدالت ۾ ڪيس هلايا وڃن. اجلاس ميڊيا تي پابنديون ۽ سينسر شپ جي مذمت ڪئي اجلاس پارلياماني نظام، حڪومت ۽ 18 هين ترميم خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته اهڙن قدمن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي جنهن جو مقصد پارلياماني نظام ۽ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ هجي مطالبو ڪيو ويو ته احتساب جو هڪ نئون موثر قانون جوڙيو وڃي جنهن تحت ڪجهه خاص طبقن جو نه پر سمورن جو هڪ ئي قانون ۽ هڪ ئي اداري تحت احتساب ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *