گڏيل قومن پاڪ- افغان تعميري ڳالهين کي افغان امن عمل لاءِ اُميد جو نئون ڪرڻو قرار ڏئي ڇڏيو

گڏيل قومون(م.د) گڏيل قومن پاڪ- افغان تعميري ڳالهين واري عمل کي افغان امن عمل لاءِ اُميد جو نئون ڪرڻو قرار ڏنو آهي. سلامتي ڪائونسل افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مِشن جي مُدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي متفقه منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي سلامتي ڪائونسل کي ٻُڌايو پاڪ- افغان لاڳاپن ۾ اسٽريٽجڪ تبديلي پوري خطي لاءِ اُميد وارو منظرنامو جوڙيو آهي، هن نئين صورتحال کي افغان عوام ۽ سموري خطي لاءِ اُميد جو نئون ڪرڻو قرار ڏنو. افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي مِشن جي سربراهه ۽ سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي خاص ايلچي نڪولس هي سوم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي افغانستان جي صورتحال بابت بريفنگ دوران ٻُڌايو ته افغان امن عمل لاءِ نيون اُميدون سامهون آيون آهن جن جي پس منظر ۾ ٻين ڪارڻن کان علاوه پاڪستان ۽ افغان حڪومتن وچ ۾ آهستي آهستي تعميري ڳالهين جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ اتحادي حڪومت جو قيام پڻ هڪ اهم پهلو آهي اها مثبت اڳڀرائي نئين افغان صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله جي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڊاڪٽر مليحه لوڌي ان موقعي تي چيو وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ گذريل سال نومبر ۾ ٿيل ملاقات سان گذريل 13 سالن دوران پيدا ٿيل چئلينجز تي 3 ڏينهن ۾ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ اسٽريٽجڪ تبديلي سامهون آئي اهي. ٻنهي اڳواڻن سلامتي ۽ معيشت جي حوالي سان گڏيل مفادن تي ٻَڌل شراڪت جي ويزن تي پڻ اتفاق ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *