گڏيل قومن ماريا شراپوا کي پابندي پيل دوائن جي استعمال سبب سفير جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) گڏيل قومن روسي ٽينس اسٽار ماريا شراپوا کي پابندي پيل دوائن جي استعمال واري ٽيسٽ ۾ ناڪامي تي ڀائيچاري واري سفير جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جيترجمان جو چوڻ آهي ته ماريا شراپوا پابندي پيل دوائن جي استعمال بابت جاچ پوري ٿيڻ تائين سفير جي عهدي تان هٽيل رهندي، روسي ٽينس اسٽار 2007ع کان ان عهدي تي برقرار آهي، تازو ئي سندس ٽيسٽ ۾ منع ٿيل دوائن جي استعمال جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ گڏيل قومن ڪارروائي ڪندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *