گڏيل قومن سامونڊي حدن ۾ اضافي جي پاڪستاني دعويٰ تسليم ڪري ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 19 مارچ 2015ع تي گڏيل قومن جي سامونڊي حدن بابت ڪميشن پنهنجو جائزو مڪمل ڪري ورتو ۽ سامونڊي حدن ۾ اضافي بابت پاڪستان جي دعويٰ تسليم ڪري ورتي آهي، جنهن تحت پاڪستان جون سامونڊي حدون 200 ناٽيڪل ميل مان وڌي 350 ناٽيڪل ميل ٿي ويون آهن، اهڙي طرح پاڪستان يج موجوده 40 هزار چورس ڪلوميٽر خاص اقتصادي زون کان علاوه 50 هزار چورسل ڪلوميٽر جو اضافي ڪانٽينينٽل شيلف پاڪستان جي انتظام هيٺ اچي ويو آهي، پاڪستان کي مليل ان اضافي ڪانٽينينٽل شيلف جو تهه سمنڊ ۽ ان جي هيٺان موجود وسيلن تي مڪمل اختيار حاصل هوندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اها هڪ تعريف جو ڳي ڪاميابي آهي جو اسان پنهنجي سامونڊي علائقي ۾ موجود بي پناهه قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ سميت وسيع معاشي فائدا حاصل ڪري سگهنداسين. بين الاقوامي سامونڊي قانونن جو آرٽيڪل 76 ساحلي ملڪن کي ڪانٽينينٽل شيلف 200 ناٽيڪل ميل مان وڌائڻ جي اجازت ڏئي ٿو پر ساحلي ملڪن کي گڏيل قومن جي سامونڊي حدن بابت ڪميسن آڏو فني انگن اکرن ۽ مواد ذريعي پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻو پوندو آهي، اها ڪميشن هائيڊرو گرافي، جيوفزڪس،جيالاجي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي 21 ماهرن تي ٻڌل هوندي آهي، پاڪ بحريه جو هائيڊرو گرافر ڪموڊور محمد ارشد ان ڪميشن جو ميمبر آهي، پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ اضافي جو منصوبو 2005ع ۾ پاڪ بحريه ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هائيڊرو گرافي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سرپرستي هيٺ گڏيل طور تي شروع ڪيو، چئن سالن جي اڻ ٿڪ محنت ۽ ٺوس انگن اکرن سهيڙڻ ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ 30 اپريل 2009ع تي اهو ڪيس گڏيل قومن جي ڪميشن وٽ باقاعده طور تي پيش ڪيو ويو، پاڪستان جو وارو اچڻ تي ڄاڻايل ڪميشن جي هڪ 7 رڪني ذيلي ڪميشن پاڪستان جي درخواست جو غور سان جائزو ورتو ۽ هڪ سال تائين لڳاتار تجزئي ۽ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي ان ڪميشن پاڪستان جي ڪانٽينيٽل شيلف جي حد 200 مان وڌائي 350 ناٽيڪل ميل ڪرڻ جون سفارشون منظور ڪري ورتيون، ان مرحلي دوران پاڪ بحريه جي جج ايڊووڪيٽ جنرل ڪموڊور ظفر منصور ٽيپو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر آصف انعام، پاڪستان نيوي هائيڊرو گرافي شعبي جي ڪمانڊر سلمان احمد خان ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي جي خالد محمود ۽ محسن تبريز تي ٻڌل پاڪستان جي ٽيڪنيڪل وفد ان اهم ذميواري کي نڀايو ۽ گڏيل قومن جي ڪميشن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون، آخري مرحلي ۾ پاڪستان جي وفد گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحه لوڌي جي سربراهي ۾ 10 مارچ 2015ع تي پنهنجو موقف پيش ڪيو،هڪ موثر ۽ دليلن تي ٻڌل بحث کان پوءِ گڏيل قومن جي سامونڊي حدن بابت ڪميشن پاڪستان جي مطالبي کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اها هڪ وڏي قومي ڪاميابي آهي، جنهن جو لاڀ قوم کي مستقبل ۾ حاصل ٿيندو، هاڻي اسان کي قومي مفاد خاطر ميري ٽائيم زونز جي معاشي ذريعن کي استعمال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا. وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اها ڳالهه انتهائي اطمينان جوڳي آهي ته ڪانٽينينٽل شيلف جي حدن بابت گڏيل قومن جي ڪميشن پاڪستان جي ڪانٽينينٽل شيلف جي اندروني حدن ۾ توسيع بابت پاڪستان جي دعويٰ کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان نتيجي ۾ پاڪستان کي اٽڪل 50 هزار چورسل ڪلوميٽر اضافي ايراضي حاصل ٿيندي، هن چيو ته ان ڪاميابي سان سامونڊي قانون بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ان علائقي ۾ سمنڊ جي سطح جي نتيجي ۾ پاڪستان کي فائدو حاصل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، جنهن سان پاڪستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسان جي ڪوشش کي هٿي ملندي، هن چيو ته گڏيل قومن طرفان پاڪستان جي دعويٰ جي منظوري ڏيڻ قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي لاڳاپيل کاتن جي مربوط سفارتي ۽ فني ڪوششن جو نتيجو آهي، سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان 2009ع ۾ سي ايل ايل ايس ۾ پنهنجي دعويٰ داخل ڪرائيندي، ان معاملي تي مفاهمت ۽ سهڪار لاءِ برادر ملڪ اومان جا ٿورا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *