گڊو وٽ وڏي ٻوڏ کانپوءِ پاڻي جو سکر ڏانهن سفر، ڪچو مڪمل طور ٻڏل

لاهور/ سکر/ گڊو(م ڊ) سنڌو درياهه جو ٻوڏ وارو وڏو وهڪرو ڏکڻ پنجاب ۾ تباهي پکيڙڻ کانپوءِ سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي، گڊو وٽ 5 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ کانپوءِ  اهو ڪچي کي ٻوڙيندو سکر ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي، جنهن دوران ڪچي ۾ رهيل ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ هلندڙآهي، جن لاءِ پڪي تي رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ وارننگ سينٽر جي ذريعن مطابق ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ سبب جکڙا امام شاهه فلڊ بند ۾ هڪ وڌيڪ 100 فوٽ جو ڪٽ لڳي ويو،  جڏهن ته ساڳئي بند ۾ 4 ڏينهن اڳ لڳل گهارو به ساڍا 3 سئو فوٽ ويڪرو ٿي ويو آهي. ڪوٽ چٺا جي اسسٽنٽ ڪمشنر خالد سنڌو ٻڌايو ته جکڙا امام شاهه واري هنڌان 8 هزار ماڻهن کي محفوظهنڌن تي پهچايو ويو آهي، بند کي گهاري سب ٻوڏ جو وڏو وهڪرو سنڌ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿي ويو، رحيم يار خان جي وسندي حامد پور ۾ به زمينداري بند ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ليا ۾ ڪوٽ سلطان واري هنڌ پل ٽٽڻ ڪري بکري احمد خان ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظفر ڳڙهه ۾ ٻوڏ جي وهڪري سرڪي، سيت پور ۽ ڪندائي واري هنڌ 20 کان 25 گهر متاثر ڪيا آهن،ٻوڏ جا وهڪرا پنجاب مان گذري سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ گڊو وٽ وڏي ۽ سکر بيراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مقامي ذريعن مطابق ٻوڏ سبب ڪشمور ۽ گهوٽڪي جو ڪچو مڪمل طور تي ٻڏي چڪو آهي. جتان ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف پهچي رهيا آهن، جتي سرڪاري ادارن ۽ نجي تنظيمن پاران رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.ٻوڏ سبب گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن، جڏهن ته فصل به لڙهي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *