گپلن جو الزام: نيب ڄامشوري جي اڳوڻي ڊي سي سهيل اديب بچاڻي کي گرفتار ڪري ورتو

حيدرآباد (بيورو) نيب حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪري ڄامشوري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سهيل اديب بچاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، سهيل اديب بچاڻي تي آر بي او ڊي جي زمين خريداريءَ ۾ گهپلن جو الزام آهي. حيدرآباد ۾ نيب ڪارروائي ڪري ڄامشوري ضلعي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سهيل اديب بچاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ترجمان موجب سهيل اديب بچاڻي جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کانئس وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب سهيل اديب بچاڻي مٿان ڄامشوري ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي چارج دوران آر بي او ڊي سم نالي جي زمين ۾ گهپلن جو الزام آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *