گٽڪا مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم، آءِ جي کي شيئر نه ملندو آهي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙڻ خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته آءِ جي کي شيئر نه ملندو آهي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون ٿا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي وڪري توڙي واهپي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت گُٽڪي جي واهپي خلاف ڪارروائيون نه ڪرڻ تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته گُٽڪا ۽ مين پُڙيون ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، آءِ جي سنڌ کي ڪيترو شيئر ملندو آهي؟ جيڪڏهن شيئر نٿو ملي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هاڻي ئي هي معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون ٿا، پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، غريب ماڻهو پڙهي لکي آفيسر ٿئي ٿو ته اُهو به وڏو ٿيڻ جي چڪر ۾ ساڳيو ڪم ڪري ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته جاگيردارن کي بدنام ڪريو ٿا، اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي ذهنيت به ساڳي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس لکي ڏئي ته ٻيون قوتون به اِن ڪاروبار ۾ ملوث آهن. عدالت گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *